سنڌ جو قومي شاعر شبير لاکو بيماري سبب بستري ڀيڙو

سڄي ڄمار ڌرتي جي لاءِ گيت لکيا، بيماري لاچار ڪري ڇڏيو آھي: شبير لاکو

سنڌ جو قومي شاعر شبير لاکو بيماري سبب بستري ڀيڙو

ملير (ڊ ر) ثقافت کاتو ۽ سنڌ سرڪار سنڌي اديب، دانشور، قلمڪار ۽ فنڪارن سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ رکيو اچي ٿو، ٻيون ٻوليون ڳالهائيندڙن کي ٻاهرين ملڪ علاج ۽ ايئرايمبولينس جهڙيون آفر ڪيون وڃن ٿيون پر سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙ فنڪارن کي لک يا ٻن لکن جو چيڪ سو به روئڻ پٽڻ بعد ڏيئي سندن مٿان احسان ڪيو ويندو آهي. ٽن سالن کان گردن جي بيماري سبب بستري ڀيڙو آهيان پر سنڌ سرڪار جي ثقافت کاتي جي ڪنهن به آفيسر هلي اچي پڇڻ جي زحمت به نه ڪئي بس ٽن سالن ۾ هڪ لک رپين جو چيڪ ڏنو. اهڙن خيالن جو اظهار سنڌ جي ناليواري قومي شاعر گلشن حديد شاخ جي سيڪريٽري شبير لاکو اسپتال ۾ طبيعت پڇڻ لاءِ آيل صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو هن چيو ته سڄي عمر سنڌي ماڻهن جي لاءِ قومي گيت لکيا ۽ ڌرتي سان عشق ۾ هر اسٽيج تي ڌرتي جا گيت ڳايا اهي منهنجا لکيل گيت مس نه پر ڄڻ رت سان لکيل آهن هن چيو ته اسٽيل مل ۾ ملازم هيس اتان جبري نيڪالي بعد پنهنجو گهر به ناهي ۽ منهنجو ڪمائڻ وارو به ڪير ناهي منهنجي وارثن ۾ هڪ منهنجي گهرواري ۽ هڪ منهنجو 8 سالن جو معصوم پٽ شهمير آهي جيڪو ڪمائڻ لائق ناهي ۽ آئون بيماري سبب ڪا به نوڪري ڪرڻ جي سگهه نٿو رکان ۽ سنڌ سرڪار ٽن سالن کان سواءِ هڪ لک رپين جي چيڪ جي ٻي ڪا به مدد ناهي ڪئي ۽ نه ئي منهنجو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرايو پيو وڃي هن چيو ته ايترو ضرور سوچجو ته جيئن مان ڪراچي گلشن حديد سنڌي ادبي سنگت جو ٻيو ڀيرو سيڪريٽري چونڊيل آهيان جڏهن منهنجي اهڙي حالت آهي ته باقي ٻين سنڌ جي قلمڪار، شاعر، اديب، دانشور، ليکڪ ۽ فنڪارن سان ڪهڙو سلوڪ هوندو اسان جا ڪجهه اديب ڪلچر کاتي جي واکاڻ ۾ پورا هوندا آهن ۽ ڪجهه وري ذاتي اختلافن سبب بيمار اديبن جي واهر لاءِ ڳالهائڻ پسند ناهن ڪندا. خدارا پنهنجي ڌرتي ڌڻين جي واهر ڪيو ۽ انهن ماڻهن جي زندگي بچايو جيڪي حقيقي مستحق آهن سنڌ سرڪار ته بيمارن قلمڪارن، ليکڪن، فنڪارن کي ته ماهانه وضيفو به مقرر نٿي ڪري جيڪو سندن حق آهي افسوس سان چوڻ پئي ٿو ته پنهنجي ذاتي ناراضگي سبب اسان پنهنجي قوم سان دشمني ڪري رهيا آهيون اسان کي گهرجي ته اسان پنهنجي سنڌ جي ڪهڙي به شهر تعلقي، ضلعي سان واسطو رکندڙ هجون انهن جي مدد لاءِ سگهارو آواز بڻجون ته جيئن انهيءَ جي مدد ٿي سگهي ۽ سندس زندگي بچي سگهي ائين ئي آئون پنهنجي مدد لاءِ سنڌ سرڪار، ثقافت کاتي ۽ سرهندي وارن کي پنهنجي زندگي بچائڻ جي اپيل ڪيان ٿو ته خدارا منهنجو علاج ڪرائي منهنجي زندگي بچائي وڃي.