ڪراچي مان نوجوان ناري اقصيٰ چانڊيو مبينا طور اغوا، ڪيس داخل

اقصيٰ چانڊيو فليٽ تي ڪم ڪندي ھئي: پوليس

ڪراچي مان نوجوان ناري اقصيٰ چانڊيو مبينا طور اغوا، ڪيس داخل

ڪراچي: سي ويو اپارٽمينٽ جي فليٽ مان ناري اقصا ڌيءَ اياز چانڊيو مبينه طور اغوا ٿي وئي، درخشان ٿاڻي تي ناري جي والد جي فرياد تي داخل ڪيل ايف آئي آر جي متن موجب 15 آگسٽ تي اقصا فليٽ تان دڪان تي وڃڻ لاءِ نڪرڻ بعد واپس نھ آئي، خدشو آهي ته اقصا کي نامعلوم جوابدار ورغلائي اغوا ڪري ويو آھي، انويسٽيگيشن پوليس جو چوڻ آھي تھ اقصا ۽ سندس ڀيڻ فليٽ تي ڪم ڪنديون هيون، ابتدائي جاچ موجب اقصي لڪ ڇپ ۾ موبائيل فون استعمال ڪندي هئي، گهر مالڪن اقصي جو موبائيل پڪڙيو ۽ سندس والد کي گهرايو، اقصا جو والد ڪراچي پهتو ته ان دوران اقصا فليٽ مان نڪري هلي وئي، ڪيس جي جاچ لاءِ ڊي ايس پي جي سربراهي ۾ ڪاميٽي جوڙي وئي آهي، ڪاميٽي جاچ ڪري رهي آهي.