ڀٽ شاهه ويجهو رهائي چپ ماتمي جلوس برآمد، وڏي انگ ۾ عورتون ۽ ٻارڙا به شريڪ

اٺن جي ماتمي قافلي سان مشهور جلوس درگاھ حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي تي پهچي نهر ٿي ويو

ڀٽ شاهه ويجهو رهائي چپ ماتمي جلوس برآمد، وڏي انگ ۾ عورتون ۽ ٻارڙا به شريڪ

ڀٽ شاھ ۾ ڳوٺ دودو ميرجت کان رهائي چپ قافلو برآمد ڪيو ويو هر سال جيان اٺن جي ماتمي قافلي سان مشهور جلوس درگاھ حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي تي پهچي نهر ٿي ويو ماتمي جلوس ۾ اٺ، جھولا، ذوالجناح، تعزيا، سيج ۽ الم پاڪ به شامل هئا صبح جو نڪتل رهائي قافلو ڪيترن ئي ڪلاڪن جي سفر بعد درگاهه حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي تي پهتو جتي مجلس عزا جو اهتمام ڪيو ويو جلوس دوران رستي ۾ مختلف هنڌن تي موقب قائم ڪري نياز ۽ سبيل جو اهتمام ڪيو ويو هو مردن سان گڏ سوين عورت به جلوس ۾ شامل، سينا زني ۽ نوحه خواني ڪئي وئي پوليس طرفان سيڪيورٽي جا انتظام به سخت ڪيا ويا هئا