ڪچي ۾ آپريشن سبب ڌاڙيل پاڻ پوليس وٽ پيش ٿي رھيا آھن: ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو

خوني قبیلائي تڪرار جي خاتمي ڪرڻ لاء پولیس پنھنجو ڪردار ادا ڪري رھي آھي

ڪچي ۾ آپريشن سبب ڌاڙيل پاڻ پوليس وٽ پيش ٿي رھيا آھن: ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو

شڪارپور (احسان ابڙو) ڊی آء جي لاڙڪاڻو جاويد سونھارو جسڪاڻي ايس ايس پي آفيس شڪارپور ۾ ایس ایس پي خالد مصطفیٰ ڪورائي ۽ ای ایس پي سید فاضل شاھ جي موجودگي ۾ پریس ڪانفرنس ڪندي چيو آھي تہ شڪارپور پولیس جو خانپور جي ڪچي ۾ جاري ٽارگٽیڏ آپریشن جي اھم ڪامیابي، بدنام زمانہ انعام یافتہ خطرناڪ ڏوھاري ٻن ساٿين سمیت ڏوھن جي دنیا کي خیرآباد چئي ڪري پولیس آڏو گوڏا کوڙي ڇڏيا ایس ایس پي شڪارپور خالد مصطفیٰ ڪورائي جي سربراھي ۾ جاري خانپور ۾ ٽارگیٽیڊ آپریشن دوران ڏوھارين جي خلاف زمین تنگ ڪري ڇڏي آھي۔ خطرناڪ ڏوھاري ڏوھن جي دنیا ڇڏي ڪري پولیس آڏو سرنڊر ٿيڻ تي مجبور۔ بدنام زمانہ 15 لک انعام یافتہ ڏوھاري ڪبیر پٽ شاھنواز عرف شاھو سعدخاناڻي جتوئي 02 ساٿين سمیت نور حسن پٽ عالم خان سعدخاناڻي جتوئي ۽ علي ڏنو پٽ حاڪم علي سعدخاناڻي جتوئي پولیس کي گرفتاري پیش ڪري ڇڏي۔ لاڙڪاڻہ رینج ۾ امن و امان کي بھتر بڻائڻ ۾ پنھنجو ڪردار ڪري رھيا آھيون ۽ ھميشہ ڪنداسين۔ ھلندڙ خوني قبیلائي تڪرار جي خاتمي ڪرڻ لاء پولیس پنھنجو ڪردار ادا ڪري رھي آھي ۽ ھميشہ ڪندي ايندي۔ امن و امان ۾ خلل وجھڻ، ڪنھن کي بہ اغوا یا ھاء وي تي احتجاج ڪرائڻ ۾ ڪوئي سردار ملوث نڪتو تہ ان خلاف دھشتگردي جو ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪيو ويندو۔ اسان شھرين کي پولیس ۽ فورس سان گڏجي شانہ بشانہ بيهڻو پوندو۔ تڏھن ئي مڪمل امن و امان ممڪن آھي۔ مون سمیت آئي ایس آئي ۽ انٽيلیجنس بیسڊ تي ڏوھارين جي خلاف ٽارگیٽيڊ آپریشن ٿيندو، اھي سرینڊر ٿين یا انھن ڏانھن اچون پيا وڙھن لاءِ تيار ٿين۔ڏوھاري قتل جو قدم کڻڻ، قتل، اغواء برائي تاوان، ڦر، چوري ۽ پولیس مقابلن سمیت ڪيترن ئي سنگین ڪيسن ۾ گھربل ھئا. حڪومت سنڌ خطرناڪ ڏوھارين کي زندہ یا مردہ گرفتاري تي سر جي قیمت 15 لک انعام مقرر ڪيو ھو۔ ڊي آء جي لاڙڪاڻہ جاوید سونھارو جسڪاڻي واضع پیغام ڏنو تہ ڏوھاري ڏوھن جي دنيا کي ڇڏي ڪري پولیس آڏو سرينڊر ڪن ته جيئن اھي بھتر زندگي گذاري سگھن، انھن جي قانونی مدد به ڪئي ويندي. ڊي آئي جي لاڙڪاڻہ جاوید سونھارو جسڪاڻي پاران ایس ایس پي شڪارپور خالد مصطفیٰ ڪورائي ۽ ان جي ٽیم لاءِ شاباشي