English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سجاول ۾ برسات ۽ ٻوڏ ايمرجنسي لاءِ ڪنٽرول سيل قائم
56 views
|
18th Sep 2023
•
سنڌي خبرون
سمورن لاڳاپيل کاتن جا آفيسرن کي الرٽ رکيو وڃي: ڊي سي
سجاول (رپورٽر) برسات ۽ ٻوڏ ايمرجنسي دواران ڊي سي آفيس سجاول ۾ عوامي شڪايتن لاءِ ڪنٽرول سيل قائم. سمورن لاڳاپيل کاتن جا آفيسر الرٽ رهندي هيڊ ڪوارٽر ۾ موجودگي کي يقيني بڻائين. بروقت سمورا احتياطي اپاءَ ورتا وڃن تہ جيئن قيمتي انساني جانين جي ضايع ٿيڻ ۽ نجي توڙي سرڪاري ملڪيتن جي نقصان کان بچي سگهجي. ڊپٽي ڪمشنر سجاول ڪنهن به قسم جي غفلت ۽ لاپرواهي ھر گز برداشت نہ ڪئي ويندي. عبدالواجد شيخ پاڪستان موسميات کاتي ۽ صوبائي ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي سنڌ پاران اوڀر سنڌ ۾ 18 کان 20 سيپٽمبر 2023 تائين تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برساتن جي اڳڪٿي کي نظر ۾ رکندي ڊپٽي ڪمشنر سجاول عبدالواجد شيخ لوڪل گورنمينٽ، پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ، آبپاشي، ڊرينيج، صحت، لائيواسٽاڪ، فشريز، سوشل ويلفيئر سميت ٻين سمورن لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن کي الرٽ رهڻ ۽ هيڊ ڪوارٽر ۾ موجودگي کي يقيني بڻائڻ ۽ سمورا احتياطي اپاءَ بروقت وٺڻ جي هدايت ڪئي آهي تہ جيئن قيمتي انساني جانين جي ضايع ٿيڻ ۽ نجي توڙي سرڪاري ملڪيتن جي نقصان کان بچي سگهجي. ڊپٽي ڪمشنر ضلعي جي سمورن اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ مختيارڪارن کي هدايت ڪئي آهي ته هو لاڳاپيل کاتن جي سربراهن سان گڏيل دورا ڪن ۽ نالن جي صفائي ۽ پاڻي جي نيڪال کي يقيني بڻائين. هن چيو ته ان سلسلي ۾ ڪنهن به قسم جي غفلت ۽ لاپرواهي کي سنگين بدانتظامي سمجهيو ويندو ۽ لاڳاپيل ضابطن تحت فوري طور تي ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي. ڊپٽي ڪمشنر چيو آهي ته برسات ۽ ٻوڏ جي ايمرجنسي لاءِ عوامي شڪايت ڪنٽرول سيل پڻ قائم ڪيو ويو آهي جنهن جو فون نمبر 0298-510833 آهي جيڪو 24 ڪلاڪ ڪم ڪندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
11th Jan 2026
•
سندھ
کراچی: جے ایس اسکول میں تعلیم کے ساتھ تخلیق، تحقیق اور فنونِ لطیفہ کی آبیاری
11th Jan 2026
•
تازہ ترین
علیم خان نے نئے صوبوں کے لیے تحریک چلانے کا اشارہ دے دیا
11th Jan 2026
•
دنیا
امریکا اور اسرائیل انتشار پھیلا رہے ہیں، عوام متحد رہے: ایرانی صدر
11th Jan 2026
•
پاکستان
ہم صومالیہ کی سلامتی کی حمایت کرتے ہیں، اسرائیلی اقدامات امن کے لیے خطرہ ہیں: اسحاق ڈار
11th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
لاڙڪاڻو پوليس پاران هڪ ڏوهاري ڪيهر عرف ڪيهو جتوئي کي مقابلي ۾ مارڻ جي دعويٰ
11th Jan 2026
•
سندھ
کراچی: جے ایس اسکول میں تعلیم کے ساتھ تخلیق، تحقیق اور فنونِ لطیفہ کی آبیاری
11th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
ملير ۾ سماجي تنظيم ايس آر ويلفيئر آرگنائزيشن طرفان فري ميڊيڪل ڪيمپ لڳائي وئي
11th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
هڱورجا: گسٽا سنڌ جي اڳوڻي صدر الهرکيو خاصخيلي جي وڇوڙي تي تعزيت جاري
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
sajawal
DC
Rain
Emergency
0 تبصرے