English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
نوشھروفيروز جي ميونسپل چيئرمين عھدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي
283 views
|
18th Sep 2023
•
سنڌي خبرون
ميونسپل آفيسر وليد شورو تي 90 لک ڪڍرائڻ واري الزامن بعد چيئرمين استعيفيٰ ڏئي ڇڏي
نوشهروفيرو (ڊ ر) نوشهروفيرو ميونسپل ڪاميٽي جي چيئرمين پيرقربان پاران شهر ۾ وڌندڙ گندگي ۽ 90 لک هڪ مهيني دوران ميونسپل آفيسر پاران ڪڍرائڻ واري لڳندڙ الزام کان پوءِ پنهنجي عهدي تان استيعفيٰ ڏئي ڇڏي آهي سياسي سماجي ڌرين پاران احتجاج جو اعلان رقم واپس ڪرائڻ جو مطالبو پيرقربان پاران استعيفيٰ جي تصديق ميونسپل آفيسر وليدشورو پاران رقم ڪڍرائڻ واري معاملي کان لاتعلقي خبر موجب چيئرمين ميونسپل ڪاميٽي نوشهرو فيروز پير قربان علي پنهنجي عهدي تان استعفيٰ ڏيئي ڇڏي آھي، رابطي ڪرڻ تي سندس چوڻ ھو ته شهر ۾ گندگي اکين سان ڏسان پيو، سسٽم اهڙو ناڪارا ۽ مُدي خارج آھي جو ڪرسيءَ تي ويهي به شهر لاءِ ڪجھ نه پئي ڪري سگهيس! ڪوبه پاور نه هو انهيءَ ڪري بهتر سمجهيم ته اهڙو عهدو نه رکان جنهن ۾ وس نه هلي ۽ شهر جي خدمت ڪري نه سگهان. هوڏانهن ٻئي طرف ميونسپل ڪاميٽي نوشهروفيروز مان ويجهن ذريعن وٽان معلوم ٿيو آھي ته ميونسپل آفيسر وليد شورو ميونسپل ڪاميٽي نوشهرو فيروز مان هڪ مهيني دوران صفائي جي نالي تي، پهريان 40 لک ۽ ٻئي ٻيو دفعو وري 50 لک روپيا، سنڌ بئنڪ اڪائونٽ مان ڪڍرايا آهن جنهن تي چيئرمين پير قربان علي کانئس پڇا به ڪئي ته هن کيس مناسب جواب نه ڏنو ۽ چورائي موڪليو ته مٿي به حساب ڪتاب ڏيڻو پوي ٿو جنهن تي چيئرمين متعلقه بالا آفيسرن ۽ پنهنجي پي پي قيادت کي ان بابت آگاهه ڪيو جتان داد رسي نه ٿيڻ تي چيئرمين پير قربان علي پنهنجي عهدي تان استعفيٰ ڏيئي ڇڏي جڏهن ته ميونسپل ڪاميٽي جي آفيسر وليد شورو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته هن مٿان جيڪو 40 لک پهريان ۽ 50 لک پوءِ ڪڍرائڻ وارو الزام لڳايو پيو وڃي ان معاملي ۾ ڪنهن قسم جي صداقت ناهي باقي هن وقت سموري شهر اندر صفائي وارو ڪم تيزي سان هلي رهيو آهي هن وقت شهر جي حالت بهتر آهي. ٻئي طرف نوشهروفيروز جي سياسي سماجي ڌرين پاران بلدياتي کاتي جي منسٽر مبين جماڻي کان مطالبو ڪندي گهر ڪئي وئي آهي ته هڪ مهيني دوران ميونسپل ڪاميٽي جي آفيسر وليد شوري 90 لک رپين جي رقم صفائي جي نالي تي ڪڍي هضم ڪئي آهي ان کان رقم واپس ڪرائي شهر ۾ صفائي ڪرائي وڃي ٻئي صورت ۾ سندس هٽڻ تائين احتجاج ڪيو ويندو
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
noshahroferoz
0 تبصرے