وڳڻ ويجھو سڙي زخمي ٿيل نينگر جو علاج نھ ٿيڻ سبب زخم ناسور ٿي ويو

پٽ جون ھيٺيون ڌر سخت متاثر ٿيو، سندس علاج ڪرائي حياتي بچائي وڃي: وارثن جو مطالبو

وڳڻ ويجھو سڙي زخمي ٿيل نينگر جو علاج نھ ٿيڻ سبب زخم ناسور ٿي ويو

وڳڻ (رپورٽر) وڳڻ لڳ سڙي زخمي ٿيل نينگر جو سھي علاج نه ٿيڻ تي جسم تي ڦٽ ناسور ٿي پيا معصوم ھلڻ ڦرڻ کان لاچار ٿي ويو ڪجھ ڏينھن اڳ نئون ڳوٺ واسي پورھيت رستم شيخ جو ست ورھين جو پُٽ راحيل شيخ پڪوڙن جي گرم تئي جي ٽچڪندڙ تيل ۾ ڪري سڙي زخمي ٿي پيو ھو ۽ جسم جو ھيٺيون ڌڙ سخت متاثر ٿيو ھو اھڙي طرح وارثن پاران سرڪاري اسپتال مان علاج ڪرايو پر صحت ۾ سڌارو نه اچي سگھيو آھي ان حوالي سان زخمي نينگر جي پيءُ رستم شيخ ٻڌايو ته معصوم پُٽ جو ڊاڪٽرن موجب 50 سيڪڙو جسم سڙي چڪو آھي جنھن جو سھي علاج نه ٿيڻ تي ڦٽ وڌي ويا آھن جن مان رت وھي رھيو آھي معصوم پٽ جو لاڙڪاڻي جي سرڪاري اسپتال مان علاج ڪرايو آھي پر ڪيترا ڏينھن گذرڻ باوجود ڦٽ سھي نه ٿيا آھن زخم ناسور ٿيڻ ڪري معصوم ھلڻ ڦرڻ کان به لاچار ٿي ويو آھي ڊاڪٽرن موجب ٻارڙي جو علاج ٽراما سينٽر ڪراچي مان ٿيندو پر مون وٽ ايتري سگھ ناھي جو ٻچڙي کي ڪراچي کڻي وڃان جتي بھتر نموني علاج ٿي سگھي منھنجي نگران وڏي وزير ۽ سرندي وارن کي اپيل آھي ته ٻچڙي جي زندگي بچائڻ لاءّ مالي سھائتا سان گڏ خانگي اسپتال مان علاج ڪرائي پريشاني ختم ڪئي وڃي .