نوشھروفيروز جي نئين ڊي سي محمد ارسلان سليم عھدي جي چارج سنڀالي ورتي

محمد ارسلان سليم آفيس جي سمورن برانچن جو دورو ڪيو ۽ عملي سان ملاقات ڪئي

نوشھروفيروز جي نئين ڊي سي محمد ارسلان سليم عھدي جي چارج سنڀالي ورتي

نوشهروفيروز( ڊ ر) نوشهروفيروز ۾ نئين آيل ڊپٽي ڪمشنر محمد ارسلان سليم اڄ پنهنجي عهدي جي چارج سنڀاليندي ڪم شروع ڪري ڇڏيو. هن اڄ ڊپٽي ڪمشنر آفيس جي سمورن برانچن جو دورو ڪيو ۽ عملي سان ملاقات ڪئي ۽ انهن کان ڪم جا تفصيل ورتا، ان موقعي تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر (2) سيد عمار حسين ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر نوشهروفيروز عبدالخالق بلوچ پڻ موجود هئا. بعد ۾ ڊپٽي ڪمشنر محمد ارسلان سليم سول اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ، دل جي وارڊ ۽ ٻين شعبن جو معائنو ڪيو ۽ اسپتال ۾ سهولتن جو جائزو ورتو ۽ اسپتال ۾ صفائي سٿرائي جي صورتحال کي بهتر بڻائڻ جا حڪم ڏنا. بعد ۾ ايڪسين پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتو، ٽائون آفيسر ۽ ميونسپل ڪميٽي جي عملي سان گڏ جي شهر جو دورو ڪيو. هن سنڌ ڪالوني جي ڊرينيج ڊسپوزل، سرحل مائنر ڊسپوزل ۽ اسٽيشن روڊ ڊسپوزل ۽ مين روڊ نوشھروفيروز جو معائنو ڪيو. هن مين روڊ تي گٽرن جي گندي پاڻي جي موجودگي جو نوٽيس وٺندي ميونسپل ڪميٽي جي عملدارن کي هدايت ڪئي ته شهر مان گندو پاڻي نيڪال ڪيو وڃي ۽ نيشنل بينڪ جي سامهون ميزان بينڪ ۽ الله والا چوڪ وٽان گندي پاڻي جي نيڪاسي جو پڻ حڪم ڏنو.