English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سجاول ۾ مختلف تنظيمن پاران دفاع جي ڏھاڙي تي ريليون ۽ تقريبون منعقد
211 views
|
06th Sep 2023
•
سنڌي خبرون
مختلف اسڪولن ۾ سيمينار منعقد ڪري پاڪ فوج جي جوانن کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي
سجاول(گلشيرميربحر) 6 سيپٽمبر يوم دفاع جي موقعي تي ملڪ جي ٻين شهرن جيان سجاول ۾ به مختلف تنظيمن پاران ريليون ڪڊيوويون آھن ۽ مختلف اسڪولن ۾ سيمينار منعقد ڪري پاڪ فوج جي جوانن کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي سجاول ضلعي۾ مرڪزي تقريب بوائز ھاء اسڪول سجاول ۾ منعقد ڪئي وئي جنھن ۾ استادن شاگردن ،شھرين، واپارين ،۽ پاڪ فوج جي جوانن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي خبر موجب:پوري ملڪ جيان سجاول ۾ 6 سيپٽمبر يوم دفاع جو ڏھاڙو وڏي جوش و جذبي سان ملهايو ويو جنھن ۾ مختلف تنظيمن پاران ريليون ڪڊي پاڪ فوج زنده باد جا نعره ھنيا ويا ۽ مختلف اسڪولن ۾ تقريبون منعقد ڪري پاڪ فوج کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي مرڪزي تقريب گورنمنٽ بوائز ھاء اسڪول سجاول ۾ منعقد ڪئي وئي جنھن ۾ استادن ، پاڪ آرمي جي جوانن ،سول سوسائٽي، مذهبي جماعتن ،معززين ۽ ٻارڙن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري شهيد فوجي جوانن کي ڀيٽا پيش ڪئي ۽ پاڪ فوج زنده باد جا نعره هنيا. يوم دفاع جي تقريب ۾ پاڪ فوج جي ڪيپٽن اويس پاڪ فوج جي جوانن سميت خصوصي طور شرڪت ڪئي يوم دفاع جي تقريب جي موقعي تي تقريرون ۽ ٽيبلوز پيش ڪيا ويا، جڏهن ته تقريب کي خطاب ڪندي بوائز ھاء اسڪول جي ھيڊ ماستر طفيل احمد ٽيمڙو، شڪيل ڀان،خالد کٽي،آصم رشيد،عبدالرشيد پنھور،ڏيوو چارڻ،واپاري ايسوسيئيشن جي اڳواڻ نياز ميمڻ،حاجي اسلم ميمڻ،۽ ٻين چيو تہ اڄوڪو ڏينھن اسان لاءِ تاريخي ڏينهن آھي ، ان ڏينھن تي اسان جي فوج توڙي عوام جانين جا نذرانا ڏيئي دشمن ملڪ جي ڪوششن کي ناڪام بڻايو ھو، پاڪ فوج جي ڏنل قربانين جو نتيجو آھي جو اڄ اسان پنھنجي ملڪ ۾ آزاد ۽ سٺي زندگي گذاري رھيا آھيون. اسين پاڪ فوج کي سلام پيش ڪريون ٿا. تقريب ۾ آيل مھمانن کي اجرڪون اوڌايون ويون ۽ ٻارڙن ۾ انعام پڻ ورهايا ويا آخر ۾ ملڪ عظيم جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ خصوصي دعائون گهريون ويون.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
Sindh Sajwal
September
defiance day
0 تبصرے