پاڪستان فارمرز رابطا ڪميٽي شڪارپور ۾ 15 سيپٽمبر تي ماحولياتي انصاف مارچ ڪندي

گلوبل وارننگ کي نظر انداز ڪرڻ ۽ موسمياتي تبديليءَ کي روڪڻ لاءِ امير ملڪن پنهنجو ڪردار ادا ناھي ڪيو

پاڪستان فارمرز رابطا ڪميٽي شڪارپور ۾ 15 سيپٽمبر تي ماحولياتي انصاف مارچ ڪندي

شڪارپور (احسان ابڙو) پاڪستان ڪسان رابطا ڪميٽي جي مرڪزي اڳواڻ فاروق طارق,حقوق خلق پارٽي سنڌ جي آرگنائيزر مجيب پيرزادو ۽ ھاري جدوجهد ڪميٽي شڪارپور جي ڪنوينر جانثار کوسو شڪارپور پريس ڪلب ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته پاڪستان فارمرز رابطا ڪميٽي 15 سيپٽمبر 2023 تي شڪارپور ۾ ھاري جدوجهد ڪميٽي جي سهڪار سان ماحولياتي انصاف مارچ منعقد ڪري رهي آهي جنهن جو بنيادي مقصد سنڌ جي هارين جي مالي نقصان جي ازالي لاءِ آواز اٿارڻ آهي جيڪي گذريل سال جي برساتن ۽ ٻوڏ سبب متاثر ٿيا هئا،ھنن چيو ته پاڪستان هاري رابطا ڪميٽي هن مارچ ذريعي اهو پيغام ڏيڻ چاهي ٿي ته پاڪستان ۾ بار بار ٻوڏن ۽ برساتن جي تباهي اچي رهي آهي ڇاڪاڻ ته امير ملڪن جي صنعتڪاريءَ دوران گلوبل وارننگ کي نظر انداز ڪرڻ ۽ موسمياتي تبديليءَ کي روڪڻ لاءِ امير ملڪن پنهنجو ڪردار ادا ناھي ڪيو جنهن جي ڪري گذريل سال پاڪستان ۾ آيل تباهين ۽ ٻوڏن گهٽ ۾ گهٽ چاليهه ارب ڊالرن جو نقصان ڪيو ۽ اهو نقصان ان ڪري ٿيو آهي جو امير ملڪ ماحولياتي تبديلين جا ذميوار آهن تنهن ڪري اسان امير ملڪن کان مطالبو ٿا ڪريون ته پاڪستان کي جيڪي 10 ارب ڊالر ڏيڻ جو واعدو ڪيو ويو هو اهو فوري طور تي پوراو ڪري نقصان جو ازالو ڪيو وڃي,ھنن چيو ته اسان پاڪستان جي حڪومت کان اهو به مطالبو ڪريون ٿا ته عالمي سطح تان جيڪا به رقم ملي ٿي اها ماحولياتي تبديلين جي مد ۾ پاڪستان جي عوام جي بحاليءَ لاءِ خرچ ڪري باقي ان کي پاڪستان جي پرڏيهي قرضن جي ادائگي تي خرچ نه ڪريو,سندن چوڻ ھو ته اسان آءِ ايم ايف ۽ ٻين عالمي مالياتي ادارن کان پڻ مطالبو ڪرڻ آيا آهيون ته فوري طور تي پاڪستان جا سمورا قرض وٺڻ بند ڪيا وڃن ۽ پاڪستان جي ٻوڏ ۽ برسات متاثرن جي بحالي کي حڪومت جي اولين ترجيح ۾ شامل ڪيو وڃي,سندن چوڻ ھو ته شڪارپور جي صحافين جي سهڪار سان پاڪستان ۾ ڀوتارڪي سسٽم کي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪرڻ آيا آهيون ۽ اھو به مطالبو ٿا ڪيون ته زرعي زمينون فوج بدران ڳوٺن ۾ بي زمين،ننڍن هارين ۽ غريبن ۾ مفت ورهايون وڃن ۽ هارين جي صدين کان ٿيندڙ استحصال جو ازالو ٿيڻ گهرجي جن جا گهر ڊهي ۽ تباهه ٿيا آهن انهن کي گهر تعمير ڪرڻ جو پورو معاوضو ڏنو وڃي,ھنن ھيٺيان مطالبا ڪندي چيو آهي ته امير ملڪن کان موسمياتي تبديليءَ سبب ٿيندڙ ماحولياتي نقصان لاءِ منصفاڻي معاوضيو وٺي ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته ذميوار ان جو پنهنجو حصو کڻندا ۽ گذريل سال جي ٻوڏ بيشمار خاندانن کي بي گهر ڪيو ھو جن کي فوري طور تي ٻيهر تعمير ڪيو وڃي,ان سان گڏ زمين جي غير منصفاڻي ورڇ سماجي ۽ معاشي نابرابري کي جنم ڏنو آهي تنهن ڪري اسان سنڌ جي بي زمين هارين ۾ زمين جي منصفاڻي رسائي ۽ ورڇ کي يقيني بڻائڻ لاءِ جامع زميني سڌارن جو مطالبو ڪريون ٿا ۽ اسان چاهيون ٿا ته بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ تيل، گئس ۽ ڪوئلي جو استعمال بند ڪيو وڃي ۽ قابل تجديد توانائي جا نوان منصوبا شروع ڪيا وڃن ۽ ننڍن ڊيمن،ھوا توڙي روشنيءَ مان بجلي پيدا ڪري وڏن ڊيمن جي اڏاوت کي فوري طور بند ڪيو وڃي ان سان گڏ رڪ پمپنگ اسٽيشن کي فوري طور تي چالو ڪري 24 ڪلاڪ بجلي فراهم ڪئي وڃي ته جيئن علائقي جون زمينون تباهي کان بچي سگهن.