English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
وڳڻ ويجھو 22 ڏينھن اڳ جھيڙي دوران مارجي ويل ٻن ڄڻن جي وارثن وٽ ميڙ منٿ قافلو پھتو
149 views
|
10th Sep 2023
•
سنڌي خبرون
ڳوٺ ياروديرو ۾ پلاٽ جي مالڪي تان پنھور ڌرين ۾ جھيڙي دوران شاگرد زُبير پنھور ۽ اسد الله پنھور مارجي ويا ھئا
وڳڻ(رپورٽر) وڳڻ لڳ ڳوٺ ياروديرو ۾ 22 ڏينھَن اڳ پلاٽ جي مالڪي جي معاملي تان پنھور برادري جي ٻن ڌرين ۾ ٿيل جھيڙي دوران قتل ٿي ويل ڪامرس ڪاليج جي شاگرد زُبير احمد پنھور ۽ پورھيت اسد الله پنھور جي وارثن رئيس ديدار علي پنھور ۽ بدرالدين پنھور وٽ علائقي جي معزز سيد رياض حسين شاھُ، سيٺ نواب علي تنيو، مفتي عبدالحليم ڇٽو، حاجي زاھد علي تنيو، اعجاز علي وڳڻ، بھادر خان چانڊيو، سيد عمران علي شاھ، اياز علي ڀٽو، ڪامران تنيو، ضمير حسين تنيو، حبدار علي بروھي ، ظفر مغيري ۽ ٻين پاران قرآن پاڪ کڻي ڌرين ۾ صلح ڪرائڻ ۽ امن امان جي فضا قائم ڪرائڻ لاء ميڙ منٿ قافلو وٺي وٽن پھتا جتي ميڙ منٿ قافلي ۾ موجود سيد رياض علي شاھ مفتي عبدالحليم ڇٽو ۽ سيٺ نواب علي تنيو مقتول نوجوان زُبير جي پيءُ کي معاملي ڳالھين ذريعي حل ڪرائڻ لاء منٿ ڪئي جنھنجي جواب ۾ مقتول نوجوان جي پيءُ ديدار علي پنھور ميڙ منٿ قافلي کي مان ڏيندي کين چيو ته توھان اڄ توھان امن جو پيغام کڻي اسان وٽ پھتا آھيو سنڌ مان خوني ۽ قبائلي جھيڙا ختم ڪرائڻ لاء شھيد بشير خان قريشي ميڙ منٿ قافلا وٺي ويندو ھُيو اُنڪري آيل قافلي جي آجيان ڪريون ٿا پر اسانجو ھڪ شرط آھي ته اسانجي ٻنھي نوجوانن جي قتل ۾ ملوث جوابدار پوليس وٽ پيش ٿين ته پوء اسان پنھنجي برادري جي سردار چنگيز خان پنھور وٽ ٺاھ ڪنداسين سندس اھڙي خاطري بعد ميڙ منٿ قافلي جي اڳواڻن ڌرين ۾ صلح ڪرائڻ لاء پنھور برادري جي سردار سان ملڻ جو فيصلو ڪيو جڏھن ته بعد ۾ دعاء خير پڻ گُھري وئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
23rd Apr 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
رئيس حاجي بنگل خان چانگ هڪ منفرد شخصيت..!!
23rd Apr 2026
•
تازہ ترین
صدر زرداری کی صحت سے متعلق افواہیں بے بنیاد ہیں: سلیم مانڈوی والا
23rd Apr 2026
•
تازہ ترین
امریکی ناکہ بندی کے باوجود آبنائے ہرمز سے ایران کے 34 آئل ٹینکر گزر گئے
23rd Apr 2026
•
سندھ
جاگیردارانہ نظام نامنظور — خواتین کے قتل، تشدد اور ہراسانی کے خلاف کراچی میں احتجاج
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
سانگهڙ ويجهو آئل ٽينڪر رڪشا مٿان چڙهي ويو، ماءُ ڌيءَ فوت، 3 ڄڻا زخمي
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
خراب حڪمراني سنڌ ۾ عورتن ۽ ٻارن جي زندگيءَ جھنم بڻائي ڇڏي آهي: اياز لطيف پليجو
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ: کاروڙو واري علائقي ۾ ناري سان مبينا زيادتي واري واقعي جو ڪيس داخل
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول شهر ۾ آمڙا ۽ لوهار برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، فائرنگ، 2 ڄڻا زخمي
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
Wagan
Merminth qaflo
0 تبصرے