English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
اسان کي عربن جي دور انديشي، ترقي ۽ رواداري مان سکڻو پوندو: اياز لطيف پليجو
200 views
|
10th Sep 2023
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو کي دبئي، عجمان ۽ شارجه ۾ آجياڻا
حيدرآباد (بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو کي دبئي، عجمان ۽ شارجه ۾ آجياڻا ڏنا ويا. ان موقعي تي ھن خطاب ڪندي چيو تہ اسان کي عربن جي دور انديشي، ترقي ۽ رواداري مان سکڻو پوندو. دبئي، نيوم، شرم الشيخ، بالي، استنبول ۽ لنڪاوي جا شهر بہ مسلمان ملڪن ۾ آهن. امارات ۾ رهندڙ سنڌي وڌ ۾ وڌ هم وطنن کي هتي روزگار لاءِ گهرائين. دبئي وانگر پاڪستان مان بہ غير قانوني رهندڙن کي سندن ملڪن ڏانهن واپس موڪليو وڃي. بدقسمتيءَ سان پاڪستان جي ڪا بہ يونيورسٽي دنيا جي نامور يونيورسٽين ۾ شامل ناهي. اياز لطيف پليجي چيو تہ اسان کي سڄي دنيا سان گڏ هلڻ گهرجي، جيڪڏهن اسان اڪيلا ٿياسين تہ تباھ ٿي وينداسين. شاگردن کي خيالي دنيا مان ڪڍي حقيقي سائنسي دنيا ۾ آڻڻو پوندو. اياز لطيف پليجي چيو تہ پاڪستاني شاگردن کي سعودي عرب ۽ نار ۾ ٿيندڙ تبديلين کان آگاھ ڪيو وڃي. سنڌ تهذيب جي ماءُ آهي، دنيا کي سنڌو تهذيب تي فخر آهي. اياز لطيف پليجي چيو تہ ڪنڌڪوٽ ڪشمور ۾ روزانو ماڻهو اغوا ٿين ٿا پيپلزپارٽي ظلم سردارن، ڌاڙيلن ۽ ڏوهارين جي سھولت ڪار آهي، سنڌ کي سرداري نظام، ڏوهن ۽ وڏيرا شاهي جو مرڪز بڻايو ويو آهي. ڪو بہ معاشرو برداشت ۽ رواداري کانسواءِ ترقي نٿو ڪري سگهي. ملڪ معاشي بحران ۾ آهي، هنگامي قدم کنيا وڃن. اياز لطيف پليجي چيو تہ ملڪ ۾ سياسي ۽ معاشي بحران پيدا ڪيو ويو آهي. وفاقي ۾ اقتدار جي جنگ آهي، وڏين سياسي پارٽين جي مفادن جي جنگ ۾ پاڪستاني عوام نشانو بڻيل آهي. پاڪستان انصاف، آئين ۽ قانون جي بالادستي ۽ حڪمراني کانسواءِ اڳتي نہ وڌي سگهندو، پاڪستان کي هڪ نئين معاشي، آئيني ۽ سماجي چارٽر جي ضرورت آھي اياز لطيف پليجي چيو تہ انتهاپسندي، جهالت ۽ ڪرپشن کي پاڙان پٽڻ گهرجي. سمورن ڪرپٽ آفيسرن ۽ سياستدانن کي گرفتار ڪيو وڃي. پندرهن سالن کان ملڪ کي غير يقيني واري صورتحال ۾ رکي نقصان پهچايو ويو. جيڪڏهن عمران، نواز ۽ زرداري چئن صوبن لاءِ سوچين ها تہ اهڙي صورتحال نہ هجي ها. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ مان چونڊيل سمورين پارٽين جي ميمبرن عوام کي مايوس ڪيو آهي. وفاق پاڻي، گئس، بجلي، روزگار ۽ وسيلن جي حوالي سان سنڌ سان انصاف ڪري. جمهوريت کي عورتن، هارين ۽ اقليتن جي حقن سان ڳنڍڻو پوندو. سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ ميرٽ، امن ۽ برابري چاهيون ٿا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
Sindh
Hyderabad
0 تبصرے