مڪلي جي قديم آثارن جي تحقيق لاءِ آيل اٽلي جو جوڙو پوليس ۽ انتظاميھ مان بيزار

اٽلي جي جوڙي پوليس ۽ انتظاميھ جي رويي سبب واپس وڃڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو

مڪلي جي قديم آثارن جي تحقيق لاءِ آيل اٽلي جو جوڙو پوليس ۽ انتظاميھ مان بيزار

ٺٽو:ايشيا جي وڏي تاريخي قبرستان مڪلي جي قديم آثارن تي تحقيق لاء آيل اٽلي جي ريسرچر جوڙي آرڪيالاجي کاتي جي انتظاميه ۽ پوليس پاران مسلسل تنگ ڪرڻ واري رويي کان تنگ ٿي اڄ واپسي جو فيصلو ڪري ڇڏيو، گذريل ڏينهن آرڪيالاجي جي نگران وزير جي مڪلي جي قديم آثارن جي دوري دوران اٽلي جي تحقيق لاء آيل سياح جوڙي مسٽر ڪوڪو ۽ سندس ساٿياڻي پوليس پاران بار بار پيڇو ڪري تحقيق جي ڪم ۾ رڪاوٽ وجهڻ ۽ آرڪيالاجي کاتي پاران تعاون نه ڪرڻ جون شڪايتون ڪيون ويون هيون آرڪيالاجي کاتي مڪلي قبرستان جي انتظاميه جي بدانتظامي جو اهو عالم رهيو جو گذريل ڏينهن قديم آثارن جي دوري تي پهتل آرڪيالاجي جي نگران وزير ارشد ولي محمد جي سنڌ جي هاڪاري حاڪم ڄام نظام الدين جي مزار تي پهچڻ تي چوڪيدار غائب هيو ۽ اڌ ڪلاڪ تائين انتظار بعد نگران وزير تالو ٽوڙائڻ جو حڪم ڏنو ۽ آرڪيالاجي انچارج ظھير جوکيو کي تالي جا پئسا خود ڀري ڏيڻ جو چئي تالو ٽوڙايو ۽ ڄام نظام الدين جي مزار جي اندرين حصي جو دورو ڪري جائزو ورتو قديم آثارن جي دوري دوران قديم آثارن کي گهمندڙ ۽ تحقيق ڪندڙ اٽلي جي سياح جوڙي مسٽر ڪوڪو ۽ سندس ساٿياڻي وزير موصوف جي اڳيان احتجاج رڪارڊ ڪرائيندي شڪايت ڪئي ته هڪ طرف آرڪيالاجي کاتي جي انتظاميه ساڻن تعاون نه پئي ڪري ته ٻئي طرف پوليس سندن پيڇو نه پئي ڇڏي اٽلي جي سياح جوڙي اهو به چيو ته هن پرامن خطي ۾ آثارن کي آزادي سان گهمڻ ۽ ريسرچ ڪرڻ نٿو ڏنو وڃي ۽ ايئن محسوس ڪرايو پيو وڃي ته ڄڻ هتي دهشتگرد هجن، هنن چيو ته انتظاميه جي اهڙي عمل سبب اُھي سخت ذھني ڌٻاءُ جو شڪار ٿي ويا آھن ريسرچ ڪندڙ اٽلي جي جوڙي وزير موصوف آڏو اهو به واضع ڪندي ييو ته اها صورتحال رهي ته پاڪستان جي قديم آثارن تي تحقيق لاء ڪوبه پرڏيهي سياح نه ايندو ڇاڪاڻ جو اُھي پاڻ بيزار ٿي هاڻي واپسي جو سوچي رهيا آھن وزير موصوف جي هدايتن باوجود پرڏيهي سياح جوڙي کي آزادي سان پنهنجو ڪم ڪرڻ نه ڏنو ويو جنهن بعد اٽلي جي جوڙي مسٽر ڪوڪو ۽ سندس ساٿياڻي ٺٽي جي قديم آثارن جي تحقيق جو ڪم اڌ ۾ ڇڏي واپسي جو فيصلو ڪري ورتو