English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عوامي تحريڪ نوشهروفيروز پاران سنڌ ۾ بدامني جي مذمت
views
|
04th Sep 2023
•
سنڌي خبرون
حڪمرانن جي غلط پاليسين سبب سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ آهي: نور احمد ڪاتيار
نوشهروفيروز(ڊ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري ستار رند،ايس ايس ٽي جي مرڪزي صدر عاطف ملاح، ايس ايس ٽي جي اڳوڻ علي محمد وڪو پريس ڪلب نوشهروفيروز ۾ پريس ڪانفرس پھتا. ان موقعي تي پريس ڪانفرس کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار چيو ته وفاقي ۽ صوبائي سرڪار سنڌ جي عوام کي ڌاڙيلن جي رحم ڪرم تي ڇڏي ڏنو آھي. ڌاڙيل رياستي رٽ کي چئلينج ڪريو ويٺا آھن. عوام پڇڻ ٿو چاھي ته ڇا رياست کان ڌاڙيل طاقتور آھن يا رياست؟ سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ ۾ ڌاڙيل گردي خلاف تحرڪ ۾ اچي. ڌاڙيلن خلاف فيصلا ڪن آپريشن جي ضرورت آهي. پيپلز پارٽي جي ڪرپٽ حڪومت سنڌ کي ڌاڙيل گردي جي ور چاڙهي ڇڏيو آھي. سنڌ ۾ هلندڙ ڌاڙيل گردي پٺيان سردارن ۽ جاگيردارن جو هٿ آهي. رياستي ادارا ڌاڙيلن جا سرپرست بڻيل آهن. هن چيو ته سنڌ جو عوام رياستي ادارن کان اهو سوال ٿو ڪري ته سنڌ جي ڪچي واري علائقي ۾ رهندڙ ڌاڙيلن وٽ جديد هٿيار ڪٿان پيا اچن؟ ڪچي جي ڌاڙيلن کي نيٽو ۽ طالبانن جا اسمگل ٿي پھتل هٿيار ملڪي سيڪيورٽي ادارن جي ڪارڪردگي تي سواليا نشان آهن رياست سنڌ ۾ امن امان ڪرائڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪي آهي. سنڌ پوليس ڌاڙيلن جي سهولت ڪار بڻيل آهي. ڌاڙيل غريب مسڪين سنڌي عوام کي ڪنگال بڻائي ڇڏيو آهي. ڌاڙيل مغوين جي وارثن کان ڪروڙين روپيا ڀنگ اوڳاڙي رهيا آهن. انھن معصومن جون پڪارون رياستي ادارن ۽ ملڪي سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ جي ناڪامي کليو ثبوت آهن. عوامي تحريڪ مطالبو ٿي ڪري ته سنڌ جي سردارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي ڌاڙيلن جي سرپرستي ڪندڙ جاگيردارن خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ گڏ سنڌ جي ڪچي ۾ فيصلا ڪن آپريشن وسيلي عوام لاءِ عذاب بڻيل ڌاڙيلن جي پاڙ پٽي وڃي. هن چيو ته جاگيرداري نظام سنڌ کي جهنم بڻائي ڇڏيو آهي. معصوم ٻارڙي فاطمه ڦرڙو جي قتل انسانيت جو ڪنڌ شرم سان جھڪائي ڇڏيو آهي. فاطمه ڦرڙو جي قاتل پيرن ۽ شاهن کي عبرتناڪ سزا ڏني وڃي. هن وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي هڪڙي طرف سنڌ کي ڌاڙيلن ۽ دهشتگردن جي اوڙاھ ۾ اڇلائي ڇڏيو آهي ته ٻئي طرف سنڌ جي زمينن جي نيلامي جو مڪمل بندوبست ڪري سنڌين کي بي دخل ڪرڻ جو هر طرفو بندوسبت ڪري ڇڏيو آهي. پيپلز پارٽي سنڌ جي 13 لک ايڪڙ کان وڌيڪ زمين کي نيلام ڪرڻ جي ناپاڪ سازش ڪري تاريخي غداري ڪئي آهي. ڊجيٽل آدمشماري وسيلي سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪري لکين غير ملڪين کي سنڌ ۾ آڻي سنڌين جو هر طرفو استحصال ڪيو ويو آهي. ان موقعي تي عوامي تحريڪ جا اڳواڻ حسين سومرو، سميع عطا، ستار عمراڻي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Nov 2025
•
پاکستان
عالمی حفاظتی ٹیکہ جات کا دن — صحت مند مستقبل کے لیے یکجا عزم
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
محمود خان اچکزئی: آئین پر حملہ پاکستان پر حملے کے مترادف
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
پارلیمانی کمیٹی میں 27ویں آئینی ترمیم پر غور و مشاورت کا اجلاس جاری
09th Nov 2025
•
دلچسپ اور عجیب
فرانس میں شہری کو اپنے باغ سے 8 لاکھ ڈالر مالیت کا سونا مل گیا
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ٽنڊو الهيار: زرداري ڪالوني ۾ گهرو اڻبڻت تان مڙس هٿان مبينا طور زال قتل
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ڪراچي ۾ ترقياتي ڪم صرف ايم ڪيو ايم پاڪستان ڪرائي سگهي ٿي: بشير رند
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مورو جي شھيد بينظير ڀٽو پارڪ جي سونھن وڌائڻ لاءِ ڪم جاري آهي: نظير ميمڻ
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مڪلي ۾ ڳوٺ صديق شورو واسي نوجوان جو مامي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
awami tahreek
noshahroferoz
0 تبصرے