گڏاپ : گلشن معمار ويجھو جان محمد بروهي ڳوٺ ۾ گٽرن جو گندو پاڻي گهرن ۽ گهٽين ۾ داخل

گندگي پاڻي سبب رهواسي سخت تڪليفن کي منهن ڏيڻ تي مجبور

گڏاپ : گلشن معمار ويجھو جان محمد بروهي ڳوٺ ۾ گٽرن جو گندو پاڻي گهرن ۽ گهٽين ۾ داخل

گڏاپ (رپورٽر)گلشن معمار ويجھو جان محمد بروهي ڳوٺ ۾ گٽرن جو گندو پاڻي شهرين جي گهرن ۾ داخل ٿي ويو، نمازين جو مسجد ۽ ٻارن جو اسڪول وڃڻ مشڪل، يوسي جا چونڊيل نمائندا خاموش تماشائي بڻيل، علائقي واسين چونڊيل نمائندن ۽ ڪراچي جي ميئر کان پاڻي جي نيڪالي جو مطالبو. تفصيل موجب ڪراچي گلشن معمار ڀرسان يوسي ست جان محمد بروهي ڳوٺ ۾ گٽرن جو گندو گندو پاڻي مين روڊ، گهٽين ۽ هاڻ گهرن ۾ داخل ٿي ويو آهي. جنهن سبب شهرين کي سخت پريشاني کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. گندي پاڻي سبب نه رڳو ماڻهن کي بازار وڃڻ، ٻارن کي اسڪول وڃڻ ۽ نمازين کي مسجد وڃڻ ۾ ڏکيائي پيش اچي رهي آهي پر مڇرن جي گهڻائي سبب مليريا سميت مختلف خطرناڪ بيماريون پکڙجڻ جو پڻ خدشو وڌي ويو آهي. ان حوالي سان علائقي واسين ڪائونسلر زاھد حسين بروھي. جاويد کوکر. صدام حسين ۽ ٻين چيو ته ڪافي ڀيرا ٽائون چيئرمين کي لکت ۾ شڪايتون ڪيون آهن پر ڪوبه ٻڌڻ لاء تيار ناھي. ھنن ميئر ڪراچي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب سميت سھراب ڳوٺ ٽائون جي چيئرمين لالا عبدالرحيم کي اپيل ڪئي آهي ته عوام کي هن صورتحال مان ڪڍڻ لاءِ عملي قدم کنيا وڃن