English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سجاول ۾ ٻوڏ ۽ برسات متاثرن لاءِ آيل سامان من پسندن ماڻهن ۾ ورهائڻ جو انڪشاف
304 views
|
27th Aug 2023
•
سنڌي خبرون
سعودي حڪومت ۽ حيات فائونڊيشن پاران 660 مستحق خاندانن لاءِ مليل سامان ڪرپشن جي ور چڙهي ويو: ذريعا
سجاول (رپورٽ: گلشيرميربحر) ڪرپشن هر اداري ۾ معمول جي ڳالهه آهي پر سجاول ۾ ڪهاڻي عجيب آهي، ضلعي انتظاميا کي سعودي حڪومت ۽ حيات فائونڊيشن پاران 660 مستحق خاندانن لاء مليل راشن مستحقن بجآء جعلي من پسند لسٽون ٺاهي آيل راشن ورھائي ڇڏيو، ضلع انتظاميه پاران سجاول جي نجي رائس مل ۾ غريبن جي راشن ۾ سرڪاري ملازمن ۽ من پسند ماڻھن کي شامل ڪري مستحق ماڻھن کي نظر انداز ڪيو ويو آھي جنھن سبب سوين بيوس ماڻھو نجي رائس مل ٻاھران راشن جي لاء پريشان ڏسڻ ۾ آيا ضلع انتظاميه ھڪ ڀيرو ٻيھر مظلوم ۽ بيوس ماڻھن کي نظر انداز ڪري ڇڏيو، خبر موجب:سعودي حڪومت ۽ حيات فائونڊيشن پاران نجي رائس مل ۾ 660 خاندانن ۾ ترجيحي بنيادن تي راشن ورهايو ويو، غريبن جي لاء آيل راشن ۾ سرڪاري ملازم پڻ شامل ھئا. ضلعي انتظاميا سجاول سخاوت جي انتها ڪري ڇڏي غريبن لاء آيل راشن سندس ملازم ۽ سندس پسنديده ماڻهن کي ڏئي ڇڏيو غريب مستحق ماڻھو راشن جي لاء سخت پريشان ھئا, ضلع انتظاميه ھڪ ڀيرو ٻيھر مظلوم ۽ بيوس ماڻھن کي نظر انداز ڪري ڇڏيو آھي سجاول جي نجي رائس مل ۾ سوين عورتون راشن جي انتظار ۾ وھي رھيون, مستحقن عورتن صحافين کي ٻڏايو ته اسان کان مل مالڪ جئي ڪمار عورتن کان شناختي ڪارڊ جون فوٽو ڪاپيون وٺي روانو ٿي ويو مستحق عورتن وڌيڪ چيو ته اسين صبح 7 بجي کان مل ٻاھران راشن جو انتظار ۾ ويٺل آھيون ,مستحق ماڻھن جو چوڻ ھو ته اسسٽنٽ ڪمشنر فاطمه صائما احمد مختيار ڪار،تپيدار ۽ روينيو جي ڪلارڪ جي ملي ڀڱت سان رات جي تاريخ ۾ نور نظر ماڻهن کي ٽوڪن جاري ڪري ڇڏيا ھئا جن کي صبح 7 وڳي راشن ڏنو ويو آھي جڏھن ته حقدارن کي راشن نه ملي سگھيو آھي جنھن سبب سوين مستحق ماڻهو خالي هٿين موٽڻ تي مجبور آھن.زريعن ٻڌايو آھي ته مختيارڪار ۽ تپيدار آفتاب شاھ پاران من پسند جي بنياد تي لسٽ ٺاھي اي سي سجاول فاطمه صائما احمد کي ڏني وئي ھئي انھيءَ کان پوء تپيدار آفتاب شاھ ۽ اي سي سجاول لسٽ کي ۾ ترميم ڪري پنھنجي رشتيدارن ۽ من پسند ماڻھن جا نالا شامل ڪري ڊي سي آفيس سجاول ۾ جمع ڪرائي ڇڏي انھيءَ کان پوء ڊي سي آفيس ۾ ويٺل ڪلارڪ راجيش مھيشوري ۽ پٽيوالن اي سي سجاول جي لسٽ ۾ ڇنڊ ڇاڻ ڪري، روينيو آفيسرن ملازمن ۽ پنھنجي رشتيدارن جا نالا شامل ڪيا آھن جنھن سبب ھڪ گھر ۾ پنج پنج گھر ڀاتين کي راشن ڏئي غريب مسڪين ماڻهن سان ظلم ڪيو آھي انھن وزير اعلي سنڌ، ڊي سي سجاول سميت اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته غريب مسڪين ماڻهن جي راشن ۾ ھيراڦيري ڪندڙ ملازمن ۽ ملوث آفيسرن خلاف سخت ڪارروائي ڪري مستحق ماڻھن سان انصاف ڪيو وڃي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
hayat foundation
hayyat
saudi arbia
pakistan flood
rain
0 تبصرے