English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڏهرڪي ويجهو ٻن ڀائرن ۾ هلندڙ زمين جي تڪرار تان نوجوان قتل
217 views
|
27th Aug 2023
•
سنڌي خبرون
هڪ ڌر جي هٿياربندن جو گهر تي حملو، 18 ورهين جو فرمان پٽ فريد ڪوڀر مارجي ويو
ڏھرڪي (رپورٽ نويد چغتائي) ڏهرڪي ويجهو ڳوٺ جيوڻ ڪوڀر ۾ زميني تڪرار تان ڪوڀر برادري جي ٻن ڀائرن هلندڙ تڪرار تيز ٿي ويو آهي جنهن بعد هڪ ڌر جي هٿياربندن گهر تي حملو ڪري 18 سالا ڳڀرو نوجوان فرمان پٽ فريد ڪوڀر کي گوليون هڻي سخت زخمي ڪري فرار ٿي ويا جنهن بعد نوجوان جي وارثن پاران نوجوان کي زخمي حالت ۾ کڻائي ڏهرڪي جي سول اسپتال پهچي جتي زخمن جا سور نه سهندي نوجوان فرمان ڪوڀر فوت ٿي ويو جنهن بعد پوليس ضروري ڪاروائي بعد پوليس لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو ان موقعي تي مقتول نوجوان جي وارثن فريد ڪوڀر۔اسلام ڪوڀر ۽ ٻين دانهيندي چيو ته 4 ڏينهن اڳ ڏينهن اڳ زميني تڪرار بعد مقصود ڪوڀر جيڪو ڏوهاري قسم جو ماڻهو آهن جنهن اسان کان 5 روپيا ڀتو گهريو جنهن بعد اسان پاران ڀتو ڏيڻ کان انڪار ڪرڻ تي مقصود ڪوڀر مڇرجي پنهنجي پٽ عامر ۽ منهنجي چاچي گل حسن۔مظهر۔مجيد ۽ شريف ڪوڀر ۽ ٻين سان گڏجي اسان جي ڏهن ايڪڙن تي پوکيل وئڻڻ ۽ هڪ ايڪڙ تي پوکيل ڪمند جي تيار ٿيل فصل مٿان رات جي اونداهي ۾ زهريلي دوا جو اسپري ڪري کيس فصل ساڙي تباه ڪري ڇڏيو هو جنهن بعد انهن جي اهڙي زيادتي خلاف اسان پوليس ۽ ميڊيا وٽ پهچي احتجاج ڪيو ته ويتر انهن مڇرجي ٻه ڏينهن اسان جي گهرن مٿان فائرنگ ڪري اسان کي موت مار ڌمڪيون ڏيڻ سان گڏو گڏ اسان جي زمين ڏانهن ايندڙ واٽر ڪورس پڻ ڊاهي پٽ ڪري ويا جنهن بعد اسان هٿياربندن پاران گهر مٿان حملو ڪري کيس موت مار ڌمڪيون ڏيڻ بابت ايس ايڇ او ڏهرڪي ظهير ڀٽو آڏو دانهون ڪيون پر ايس ايڇ او پاران بروقت جوبدارن خلاف ڪاروائي نه ڪرڻ بدران اسان کان موبائل جي تيل ۽ خرچ پاڻي جي گهر ڪندو رهيو جنهن بعد پوليس جي اهڙي سستي دوران مقصود ڪوڀر ۽ سندس پٽ عامر ڪوڀر منهنجي چاچي ۽ سوٽن سان گڏجي ٻيهر حملو ڪري اسان جي ڳڀرو نوجوان کي اسان جي اکين سامهون گوليون هڻي قتل ڪري ويا آهن انهن چيو ته اسان جو نوجوان ايس ايڇ او ڏهرڪي جي لاپرواهي سبب قتل ٿيو آهي انهن دانهون ڪندي چيو ته جيڪڏهن ڏهرڪي پوليس جوبدارن خلاف بروقت ڪاروائي ڪري ها ته اسان جو نوجوان قتل نه ٿئي ها انهن ايس ايس پي گهوٽڪي ۽ اعلي کان مطالبو ڪيو ته اسان جي ڳڀرو نوجوان کي بيگناه قتل ڪندڙ جوبدران خلاف ڪاروائي ڪري ڏهرڪي پوليس جي لاپرواهي جو نوٽس وٺي اسان کي انصاف فراهم ڪيو وڃي هوڏانھن ڏھرڪي پوليس مقتول جو لاش ڏھرڪي اسپتال پھچڻ باوجود به نه پھتي جنھن خلاف مقتول جي وارثن باءِ پاس ڏھرڪي تي مقتول جو لاش رکي ڌرڻو ھنيو نتيجي ۾ پنجاب ڏانھن ويندڙ ٽريفڪ ھڪ ڪلاڪ تائين معطل ٿي وئي بعد ۾ ڊي ايس پي اوٻاوڙو ڌرڻي واري ھنڌ پھچي متاثرين کي واقعي ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري جو يقين ڏياري ڌرڻو ختم ڪرائي ڇڏيو. جڏهن ته مقتول جو لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو جڏھن تہ سندس امڙ ۽ پيرسن ڏاڏي کي بيھوشي جا دوران پئجي رھيا ھئا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
daharki murder
Killing
Police
hospital
0 تبصرے