نوشهروفيروز ويجهو ڳوٺ قادر بخش ڪلو واسين جو نوجوان کي مبينا کنڀي گم ڪرڻ خلاف احتجاج

اھلڪار نديم ڪلو ۽ سندس ڀائر ۽ سئوٽ گهر تي ڪاهه ڪري پٽ نصير کي کنڀي کڻي ويا: محمد جمن ڪلو

نوشهروفيروز ويجهو ڳوٺ قادر بخش ڪلو واسين جو نوجوان کي مبينا کنڀي گم ڪرڻ خلاف احتجاج

جوابدارن هن وقت تائين پٽ کي ظاهر ناهي ڪيو، خبر ناهي ته سندس ڪهڙا حال آهن، نوٽيس ورتو وڃي: مطالبو ڄاڻايل جوابدارن زمين تي قبضو ڪيو جيڪو ڪيس عدالت مان کٽيو آهي، هاڻ موتمار ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن نوشهروفيروز(د ر) ڳوٺ قادر بخش ڪلو جي رھواسين نوجوان جي مبينه اغوا خلاف پريس ڪلب نوشهروفيروز آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو. ان موقعي تي ڳوٺاڻي محمد جمن ڪلو ٻڌايو ته گذريل ڏينھن شام ڌاري پوليس اھلڪار نديم ڪلو ۽ ان جي ڀائرن اعجاز، غلام رسول، سئوٽ عبدالغفار ڳوٺ تي چڙھائي ڪري منھنجي پٽ نصير احمد کي اغوا ڪري کڻي ويا آھن. جنھن جي اڃا تائين ڪابه خبر ناھي ته منھنجو پٽ ڪاٿي ۽ ڪھڙي حال ۾ آھي. ھن چيو ته ڄاڻايل جوابدارن اسان جي زمين تي پڻ قبضو ڪيو آھي ۽ قبضي ھيٺ آيل زمين جو عدالت مان ڪيس پڻ کٽيو آھي. ھن چيو ته ھن کان اڳ به جوابدارن اسان تي حملا ڪيا آھن جنھن جا ڪيس ڪنڊيارو ٿاڻي تي داخل آھن پر پوليس جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار ناھي. ھن چيو ته جوابدار ڪيسن ۽ زمين تان ھٿ نه کڻڻ جي صورت ۾ پٽ کي قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رھيا آھن جنھن ڪري پٽ جي زندگي کي خطرو آھي. ھنن مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي ۽ پٽ کي بازياب ڪرايو وڃي.