پاڪستان پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت سنڌ اسيمبليءَ ۾ رڪارڊ قانون منظور ڪرايا آهن: شهلا رضا

اڳوڻي صوبائي وزير شهلا رضا جي پ پ اڳواڻ حسين بخش ناريجو سان ملاقات

پاڪستان پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت سنڌ اسيمبليءَ ۾ رڪارڊ قانون منظور ڪرايا  آهن: شهلا رضا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اڳوڻي صوبائي وزير ۽ پ پ ليڊيز ونگ جي اڳواڻ شهلا رضا جي دريا خان رند ڳوٺ ۾ پ پ اڳواڻ حسين بخش ناريجو سان ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ سنڌ جي موجوده سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ملاقات ۾ ارشاد ناريجو۔راجه خان ناريجو ۔احمد عالماڻي۽ ٻين شرڪت ڪئي، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالھائنيدي شهلا رضا چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت سنڌ اسيمبليءَ ۾ رڪارڊ قانون منظور ڪرايا آهن هن وڌيڪ چيو ته هوءَ پ پ اڳواڻ حسين بخش ناريجو جي شڪريو ادا ڪري ٿي جنهن کيس عزت ڏني آهي، ان موقعي تي حسين بخش ناريجو ڳالهائيندي چيو ته هوءَ ميڊم شهلا رضا جي سهڪار جي شڪر گذار آهي، جن جي ڪوششن سان نادرا موبائل وين شروع ٿي آهي. ۽ عوام کي بنا ڪنھن رنگ نسل جي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاھي ڏنا وڃن پيا.