English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڏهرڪي ويجهو ماڙي پيٽروليم گيس ڪمپني جي انتطاميه خلاف آبادگارن جو احتجاج
134 views
|
21st Aug 2023
•
سنڌي خبرون
آبادگارن پاران معاوضو ڏيڻ بدارن پوليس معرفت ڏاڍ جي زور تي زبردستي زمينن مان پائيپ لائين وڇائڻ جي مذمت
ڏهرڪي (نويد چغتائي) ڏهرڪي ويجهو ماڙي پيٽروليم گيس ڪمپني جي انتطاميه پاران معاوضو ڏيڻ بدارن پوليس معرفت ڏاڍ جي زور تي زبردستي آبادگارن جي زمينن مان پائيپ لائين وڇائڻ خلاف سوين متاثره آبادگارن پاران احتجاجي ريلي متاثره آبادگارن پاران انصاف نه ملڻ تي بک هڙتالي ڪئيمپ قائم، ڊي سي گهوٽڪي ۽ اعلي اختيارين کان نوٽس وٺي انصاف فراهم ڪرڻ جو مطالبو، ماڙي گيس ڪمپني جي انتطاميه ۽ لينڊ آفيسر انور علي آبادگارن سان ناانصافي جي انتها ڪري ڇڏي آهي جيڪو اسان کي زمينن جو معاوضو ڏيڻ بدران پوليس جي زور تي اسان کي يرغمال بڻائي زبردستي 200 کان مٿي ايراضي مان اسان جا فصل تباه ڪري زبردستي پائيپ لائين وڇائي رهيو آهي (محمد علي شر ۽ ٻيا) خبر موجب ڏهرڪي ويجهو کروهي واري علائقي ۾ ماڙي پيٽروليم گيس ڪمپني جي انتطاميه پاران آبادگارن کي زمينن مان پائيپ لائين وڇائڻ جو معاوضو ڏيڻ بدران پوليس معرفت ڏاڍ جي زور تي زبردستي آبادگارن جي زمينن مان پائيپ لائين وڇائڻ خلاف سوين متاثره آبادگارن پاران محمد علي شر، لطف ميان شر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي ڪمپني پاران پائيپ لائين وڇائڻ واري هنڌ تي بک هڙتالي ڪئيمپ قائم ڪري ڇڏي آهي ان موقعي تي اڳواڻن محمد علي شر، لطف ميان شر ۽ ٻين چيو ته اسان جي کروهي واري علائقي ۾ ماڙي گيس ڪمپني جا سوين کوه آهن جتان روزانو جي بنياد تي لکين ڪروڙين روپين جو تيل ۽ گيس نڪرڻ باوجود گيس ڪمپني جي انتظاميه علائقي واسين کي انڃان تائين تعليم صحت صاف پاڻي،گيس سميت روڊ ۽ رستن جي سهولت فراهم ناهي ڪئي جنهن جي ڪري هتان جو جر خارو ٿيڻ سبب ڳوٺاڻا زهريلو پاڻي واپرائڻ تي مجبور آهن انهن چيو ته انتظاميه پاران ٻيون سهولتون ته پري پر ماڙي گيس جي انتطاميه اسان جي زمينن مان ٻيهر گيس پائيپ لائين وڇائي رهي آهي جنهن جو معاوضو گهرڻ تي انتظاميه مڇرجي پوليس معرفت اسان جي گهر مٿان فائرنگ ڪري اسان کي ڪوڙن ڪيس ۾ گرفتار ڪرائڻ جو ڌمڪيون ڏئي اسان جي سوين ايڪڙ زمينن مان ڏاڍ جي زور تي زبردستي پائيپ لائين وڇائڻ جو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي انهن چيو ته ماڙي گيس جي انتطاميه ۽ لينڊ آفيسر انور علي آبادگارن سان ناانصافي جي انتها ڪري ڇڏي آهي جيڪو اسان کي زمينن جو معاوضو ڏيڻ بدران پوليس جي زور تي اسان کي يرغمال بڻائي زبردستي آبادگارن جي 200 کان مٿي ايراضي مان اسان جا فصل تباه ڪري زبردستي پائيپ لائين وڇائي رهيو آهي جن جي ناانصافي خلاف اسان احتجاج ڪري رهيا آهيون انهن ڊي سي گهوٽڪي ۽ اعلي اختيارين کي اپيل ڪئي ته ماڙي گيس انتظاميه جي ڏاڍ جو نوٽس وٺي متاثره آبادگارن سان انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ اسان جي شروع ڪيل بک هڙتالي ڪيئمپ انصاف ملڻ تائين جاري رهندي،
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
12th Mar 2026
•
تازہ ترین
پاکستان پیپلزپارٹی کے چیئرمین بلاول بھٹو زرداری کی نہال ہاشمی کو سندھ کا گورنر بننے پر مبارک باد
12th Mar 2026
•
تازہ ترین
صدرِ مملکت آصف علی زرداری کی نہال ہاشمی کو گورنر سندھ تعینات کرنے کی منظوری
12th Mar 2026
•
تازہ ترین
علاقائی کشیدگی: عوام کے لیے بری خبر، پٹرولیم وزیر نے خطرے کی گھنٹی بجا دی
12th Mar 2026
•
تازہ ترین
اہم سیاسی شخصیات اور اعلیٰ عہدہ داروں کے قریبی افراد کاروبار نہیں کر سکیں گے، ریگولیشنز تیار
12th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽو: مڪلي باءِ پاس موڙ وٽ ڊمپر جهوپڙي مٿان چڙهي ويو،ماءُ ڌيءَ ۽ پٽ سميت فوت
12th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ميرواھ گورچاڻي ڀرسان مسافر ڪوچ جو 2موٽرسائيڪلن کي ٽڪر، پيءُ ڌيءَ سميت 4 ڄڻا فوت
12th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: هاشم خاصخيلي ڳوٺ جي سيوريج لائين ۾ غيرقانوني ڪنيڪشن لڳائڻ خلاف احتجاج
12th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
شاهه لطيف ٽائون واسڻ عورت جو ٿاڻي اڳيان احتجاج جو نوٽيس, ايس ايس پي انويسٽيگيشن اڻ ڌري جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
Daharki
Gas
Protest
Oil
0 تبصرے