ايس ايس پي شڪارپور پاران شھيد اھلڪار جي وارثن سان تعزيت ۽ زخمي اھلڪار سان عيادت

ايس ايس پي امجد احمد شيخ شهيد اهلڪار داد محمد جعفري جي اباڻي ڳوٺ گولو دڙو پهچي سندس وارثن سان تعزيت ڪئي

ايس ايس پي شڪارپور پاران شھيد اھلڪار جي وارثن سان تعزيت ۽ زخمي اھلڪار سان عيادت

شڪارپور ( احسان ابڙو ) ايس ايس پي شڪارپور امجد احمد شيخ جي شهيد اهلڪار جي اباڻي ڳوٺ گولو دڙو پهچي، وارثن سان تعزيت ڪئي ۽ شهيد اهلڪار جي بلند درجات لاءِ فاتحه خواني ڪئي. هوڏانهن اسپتال پهچي زخمي ٿيل اهلڪار جي عيادت پڻ ڪئي وئي ڪجھ ڏينهن اڳ ڳڙهي ياسين ٿاڻي جي حد ۾ شهيد پوليس اهلڪار داد محمد جعفري جي گهر تعزيت لاءِ ويو، جتي هن شهيد اهلڪار جي وارثن سان ملاقات ڪئي ۽ سوڳوار خاندان سان دلي همدردي جو اظهار ڪيو. ايس ايس پي شڪارپور امجد احمد شيخ صاحب شهيد جي پٽ سان ڳالهائيندي چيو ته محڪمه پوليس ڏک جي هر گهڙي ۾ اوهان سان گڏ آهي. ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ پاڻ کي اڪيلو محسوس نه ڪريو، توهان اسان جي خاندان جو حصو آهيو.محڪمه پوليس جي طرفان شهيد پوليس اهلڪار جي ٻارن کي ٻه نوڪريون هڪ ڪروڙ رپيا ۽ ٻارن جي تعليم لاءِ اسڪالرشپ ڏني ويندي.ايس ايس پي شڪارپور امجد احمد شيخ صاحب ڌيڪ چيو ته شهيد جو رت رائيگان نه ويندو، قاتلن کي جلد ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو. شھيد اھلڪار جي تعزيت کانپوءِ ايس ايس پي شڪارپور امجد احمد شيخ صاحب زخمي پوليس اهلڪار لکمير جعفري سان سندس عيادت لاءِ لاڙڪاڻي ٽراما سينٽر اسپتال پهچي عيادت ڪئي ۽ زخمي اھلڪار جي علاج لاءِ ڊاڪٽرن سان ڳالھ ٻولھ ڪندي چيو ته علاج ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاھي، سستي نه ڪئي وڃي ۽ سندس جي گهرڀاتين سان به ملاقات ڪئي، يقين ڏياريو ته زخمي پوليس اهلڪار جي علاج ۾ ڪنهن قسم جي ڪمي نه ايندي. ۽ اسپتال جا ماهر ڊاڪٽر بهترين علاج لاءِ پابند ڪيا ويا آهن