آئي جي سنڌ ڪراچي جي 17 پوليس آفيسرن کي معطل ڪري ڇڏيو

ڏوهن جي سرپرستي ۾ ملوث هجڻ تي آئي جي سنڌ 17 پوليس آفيسرن کي معطل ڪري ڇڏيو: ذريعا

آئي جي سنڌ ڪراچي جي 17 پوليس آفيسرن کي معطل ڪري ڇڏيو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) آئي جي سنڌ ڪراچي جي 17 پوليس آفيسرن کي معطل ڪري ڇڏيو، ڊپارٽمينٽل ڪارروائي جو حڪم، ان ڏس ۾ مليل معلومات موجب ڏوهن جي سرپرستي ۾ ملوث هجڻ تي آئي جي سنڌ 17 پوليس آفيسرن کي معطل ڪري ڇڏيو، معطل ڪيل آفيسرن ۾ انسپيڪٽر سبتِ حسن، انسپيڪٽر شفقت حسين منگي، انسپيڪٽر الطاف، سب انسپيڪٽر رئوف، سب انسپيڪٽر اڪبر حسين، سب انسپيڪٽر نعمت علي، سب انسپيڪٽر شڪيل، سب انسپيڪٽر عابد حسين، سب انسپيڪٽر منظور حسين، سب انسپيڪٽر سيد عباس حسين،سب انسپيڪٽر قاسم قريشي، ايس آئي او راشد حسين، اي ايس آئي لياقت، اي ايس آئي طاهر بٽ، اي ايس آئي فضل ڪريم، اي ايس آئي ثناءُ ﷲ ۽ اي ايس آئي شاهد خان شامل آهن، معطل ڪيل آفيسرن کي گارڊن هيڊ ڪوارٽر ۾ رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي، نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو ته ڄاڻايل آفيسرن کي ڊي آئي جي ڪرائيم اينڊ انويسٽيگيشن جي رپورٽ تي معطل ڪيو ويو، ايڊيشنل آئي جي ڪراچي کي ڄاڻايل آفيسرن خلاف ڊپارٽمينٽل ڪارروائي ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي