نوشهروفيروز ۾ شهيد نظير عباسي جي 43هين ورسي ملهائي وئي، تقريب منعقد

شهيد نظير عباسي جي سياسي جدوجهد ۽ نظريو برابري وارو هو: امير علي چانڊيو ۽ ٻيا

نوشهروفيروز ۾ شهيد نظير عباسي جي 43هين ورسي ملهائي وئي، تقريب منعقد

نوشهرو فيروز (ڊ ر)جيئي سنڌ محاذ ضلع نوشهرو فيروز پاران پريس ڪلب نوشهروفيروز ۾ شهيد نظير عباسي جي 43 ورسي ملهايل ورسي تقريب کي سندس ساٿين ۽ مقررين خطاب ڪندي کيس لفظن جي زبردست ڀيٽا پيش ڪئي، کيس پيڙهيل طبقي جو هيرو قرار ڏنو ۽ چيو ته شهيد نظير عباسي جي سياسي جدوجهد ۽ نظريو برابري وارو هو. سندس شهادت ملڪ ۽ قوم جي بقا لاء هئي. ورسي تقريب کي صدارتي خطاب ڪندي جيئي سنڌ محاذ جي وائيس چيئرمين امير علي چانڊيو چيو تہ شهيد نظير عباسي باڪردار ۽ بااصول سياسي اڳواڻ هو،جنهن جي سياست جو نظريو هيٺين طبقي جي ماڻهن لاء هو هن اصولي سياست ڪندي پوئتي پير نه ڪيا جنهن سبب کيس وڏيون اذيتون سهڙيون پيون، هن شهادت قبول ڪئي پر پنهنجي مقصد کان نہ هٽيو ذوالفقار ڀٽي جي دور حڪومت سنڌي ٻوليءَ ۾ ووٽر لسٽون ڇپرائڻ واري مهم جو حصو بڻجڻ جي ڏوهه ۾ قيد ۾ رهيو هن شادي به نظرياتي ساٿياڻي سان ڪئي ۽ ٻنهي جي گرفتاري ٿي شهيد نظير عباسي شاگرد جدوجهد کان ويندي عوامي جدوجهد جو اهڙو سپهه سالار هو جنهن کان رياست خوفزده هئي هنن کيس جهڪائڻ لاء جتن ڪيا پر هو نه جهڪيو تہ کيس تشدد ڪري ماريو ويو. شهيد نظير کي جسماني طور موت جي ننڊ سمھاريو ويو پر سندس نظريو ڏينهون به ڏينهن منزل طرف وڌي پيو، شهيد نظير عباسي جا سڀئي پاسا مضبوط هئا جنهن تي ڊگهو بحث ڪري سگهجي ٿو. جيئي سنڌ محاذ جي جنرل سيڪريٽري ھاشم کوسو چيو ته سنڌ کي هن وقت شهيد نظير عباسي جهڙي اڳواڻن جي ضرورت آهي شهيد نظير عباسي صاف شفاف ۽ باڪردار سياسي اڳواڻ هو هن ملڪ ۾ پورهيت جدوجهد جو بنياد رکيو هو سوشلزم جو پوئلڳ هو هن سياسي جدوجهد ذريعي هن ملڪ ۾ سوشلزم قائم ڪرڻ پئي چاهيو جنهن جي نتيجي ۾ کيس ٽارچر سيلن ۾ بند ڪري شديد تشدد جو نشانو بڻايو هو ضياءُ الحق جي مارشل لا جو پهريون شهيد نظير عباسي هيو. سوشلزم واحد نظريو آهي جيڪو اوچ نيچ کانسواءِ برابري جا موقعا فراهم ڪري ٿو. ان ڪري شهيد نظير عباسي جو وهيل رت رائگان نہ ويندو. جيئي سنڌ محاذ جي جوائنٽ سيڪريٽري ڪامريڊ مسرور چانڊيو چيو ته شهيد نظير عباسي جي قرباني هن ملڪ جي خوشحالي ۾ ڪتب ايندي سندس نظريو ضرور هن ملڪ جي عوام کي فائدو ڏيندو. شهيد نظير عباسي جي سياسي جدوجهد سنڌ، قوم، شاگردن ۽ پورهيتن لاء هئي هن شاگرد جدوجهد ۾ روح ڦوڪيو سندس ڪيل جدوجهد نوجوانن لاء اتساه آهي ورسي تقريب کي آڀادگار بورڊ جي اشفاق احمد تڳر، صدرالدين شيخ ، پورهيت اڳواڻ محمد يونس راڄپر، ايس يو پي اڳواڻ خادم سيال ۽ ٻين پڻ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو. پروگرام ۾ گل بهار مري ۽ هادي بخش بهڻ قومي گيت پيس ڪيو