English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
گڏاپ جي خميسو جوکيو ڳوٺ ۾ قائم سرڪاري اسڪول جي عمارت زبون حالي جو شڪار
views
|
07th Aug 2023
•
سنڌي خبرون
اسڪول جي زبون حال عمارت سبب پڙهائي ٺپ، استاد گهر ويٺي پگهارون کڻي رهيا آهن: ڳوٺاڻا
گڏاپ (محمد علي خاصخيلي)گڏاپ ۾ خميسو جوکيو ڳوٺ ۾ قائم سرڪاري اسڪول جي بلڊنگ زبون حالي جو شڪار. ديوارن ۽ ڪمرن ۾ ڏار پئجي ويا. ڇت ڪمزور ٿيڻ ڪري وڏا چاپر ڪرڻ لڳا. معصوم ٻارڙن ۾ خوف. شاگردن اسڪول اچڻ بجاء مال چارڻ توڙي مزدوري ڪرڻ لڳا. والدين پاران ٻارڙن کي اسڪول وڃڻ کان روڪي ڇڏيو. سوين ٻارڙن جو مستقبل داءُ تي لڳل. شڪايتن باوجود ملير جي چونڊيل نمائندن اسڪولن طرف ڪوبه ڌيان نه ڏنو. اسڪول جي مرمت لاءِ ڊي او ۽ ٽي او بہ اسڪول کي وزٽ نہ ڪيو. رھواسين پاران اعلي اختيارين کان نوٽيس وٺي اسڪول جو مرمتي ڪم ڪرائڻ جو مطالبو. تفصيل موجب ڪراچي. تعليم کاتي جي صوبائي وزير سيد سردار شاهه پاران تعليم جون دعوائون ناڪام ثابت ٿي ويون. گڏاپ جا ڪيترائي اسڪول بند پيل. سرڪاري بلڊنگيون ويران. زبون حالي جو شڪار. ڪيترن ئي اسڪولن ۾ مقرر استاد گھر ويٺي پگھارون کڻڻ لڳا. تعليم کاتو اگھور ننڊ ستل معصوم ٻارڙن جو مستقبل داءُ تي لڳي ويو. گڏاپ ۾ قائم گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول خميسو جوکيو جي بلڊنگ زبون حالي جو شڪار ٿي وئي. سالن کان اسڪول جو مرمتي ڪم نه ٿيڻ ڪري اسڪول مان چاپر ڪرڻ لڳا. جنھن سبب معصوم ٻارڙن ۾ خوف وارو ماحول ڇانئجي ويو. ڪيترائي ٻارڙن اسڪول اچڻ ڇڏي ڏنو. ڪيترائي شاگرد مال چارڻ لڳا. سوين ٻارڙن جي تعليم تباھ ٿيڻ لڳي. اسڪول جي بلڊنگ ڪمزور ھجڻ ڪري والدين پنھنجي ٻارڙن کي اسڪول وڃڻ کان روڪي ڇڏيو. ڳوٺاڻن فاروق جوکيو. عبدالغني جوکيو. مرتضي جوکيو ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسڪول جي بلڊنگ ۽ ديوار جي اهڙي حالت آھي جو ان سان ڪنهن وقت به ڪو نقصان ٿي سگهي ٿو، .ديوارون. ڪمرا به زبون بڻجي ويا آھن. وڏي عرصي کان هن جي ڪا به مرمت وغيره نه ڪئي ويئي آھي، بلڊنگ ۽ ديوار جي اهڙي حالت سبب اسڪولي شاگرد، استاد ۽ ڳوٺاڻا خوف جو شڪار آھن جنھن ڪري معصوم ٻارڙن جي پڙھائي بہ متاثر ٿي رهي آھي، ڳوٺاڻن سنڌ حڪومت. وزير تعليم سيد سردار شاهه. سيڪريٽري تعليم اڪبر لغاري ۽ ملير جي چونڊيل نمائندن کان مطالبو ڪيو ته خدارا گڏاپ ٽائون ۾ بند پيل اسڪول کولرائي زبون حالي جو شڪار اسڪولن ۾ مرمتي ڪم ڪرائي معصوم ٻارڙن جي تعليم تباھ ٿيڻ کان بچائي وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Nov 2025
•
پاکستان
عالمی حفاظتی ٹیکہ جات کا دن — صحت مند مستقبل کے لیے یکجا عزم
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
محمود خان اچکزئی: آئین پر حملہ پاکستان پر حملے کے مترادف
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
پارلیمانی کمیٹی میں 27ویں آئینی ترمیم پر غور و مشاورت کا اجلاس جاری
09th Nov 2025
•
دلچسپ اور عجیب
فرانس میں شہری کو اپنے باغ سے 8 لاکھ ڈالر مالیت کا سونا مل گیا
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
عوامي پريس ڪلب ٺٽو جي جنرل باڊي جو صدر بلاول سمون جي صدارت ۾ اجلاس, مختلف پروگرام ڪرائڻ بابت غور ويچار
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ۾ عالمي مجلس تحفظ ختمِ نبوت جي اهتمام هيٺ شاهه ٽائون ۾ ختمِ نبوت ڪانفرنس
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
شڪارپور جي اديبن ۽ صحافين طرفان اسلامي مرڪز دارالقرآن جو دورو
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
27هين آئيني ترميم ملڪ ۾ ننگي ڊڪٽيٽرشپ جو اعلان آهي: وسند ٿري
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
Gaddap
School
Gadap
Karachi
Khamiso jokhio goth
Village
students
0 تبصرے