شڪارپور ۾ ڪربلا جي شھيدن جي چھلم بابت گڏجاڻي

گڏجاڻي جي صدارت اي ڊي سي ون محمد فيضان چيما ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر شڪارپور آرفا بتول راءِ ڪئي

شڪارپور ۾ ڪربلا جي شھيدن جي چھلم بابت گڏجاڻي

شڪارپور (احسان ابڙو) محرم الحرام جي چھلم حضرت امام حسين عليه السلام بابت گڏجاڻي، ڊپٽي ڪمشنر آفيس شڪارپور ۾ محرم الحرام جي چھلم حضرت امام حسين عليه السلام بابت گڏجاڻي ٿي گذري. جنهن جي صدارت ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون شڪارپور محمد فيضان چيما ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر شڪارپور آرفا بتول راءِ ڪئي. گڏجاڻي ۾ پوليس عملدارن، اطلاعات، لوڪل گورنمينٽ، سيپڪو، صحت، پبلڪ هيلٿ سميت مختلف کاتن جي عملدارن ۽ مختلف فرقن سان واسطو رکندڙ علمائن شرڪت ڪئي.گڏجاڻي ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون شڪارپور محمد فيضان چيما چيو ته محرم الحرام جي چاليهي حضرت امام حسين عليه السلام دوران ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ تي هر صورت ۾ عملدرآمد ڪرايو ويندو.ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون محمد فيضان چيما چيو ته صفائي سٿرائي جو پڻ خاص خيال رکيو وڃي ـان موقعي تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون چيو ته جلوسن ۽ مجلسن کي پوليس ۽ رينجرز جي مڪمل سيڪيورٽي فراهم ڪئي وڃي. گڏجاڻي سان ڳالهائيندي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون شڪارپور چيو ته محرم الحرام جي چاليھي حضرت امام حسين عليه السلام دوران ٽريفڪ جو بهترين نظام ترتيب ڏنو وڃي. جلوسن وارن روڊن ۽ مجلس وارين جڳهن، امام بارگاهن سان لڳ ڊرينيج ڪراسن جي مرمت ڪئي وڃي ۽ لائوڊ اسپيڪر ايڪٽ تي عمل ڪيو وڃي.