ڪوڙي جو ڀاڻ علائقي ۾ ايس ايم بچاؤ بند جو دورو ڪري حفاظتي انتظامن جو جائزو ورتو ويو
نوشهرو فيروز (ڊ ر) ڪمشنر شهيد بينظير آباد ڊويزن شهمير خان ڀٽو سنڌو درياءَ ۾ متوقع ٻوڏ ۽ مون سون جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي نوشهرو فيروز جي ڪوڙي جو ڀاڻ علائقي ۾ ايس ايم بچاؤ بند جو دورو ڪيو ۽ حفاظتي انتظامن جو جائزو ورتو. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر نوشهرو فيروز محمد ارسلان سليم، انتظامي آفيسر، آبپاشي کاتي جو سپرنٽنڊنٽ انجنيئر عطا محمد ڇجڙو، ايڪسين روهڙي ڊويزن مورو فيصل راجپر ۽ ٻيا لاڳاپيل آفيسر ساڻس گڏ هئا. ڪمشنر شهمير خان ڀٽو ايس ايم بچاؤ ڊيم جي حساس پوائنٽن جو ويجهڙائي سان معائنو ڪيو ۽ آبپاشي کاتي جي آفيسرن کي هدايت ڪئي ته بندن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ هنگامي بنيادن تي سڀ ضروري ڪم مڪمل ڪيا وڃن. هن موقعي تي موجود آفيسرن کي حڪم ڏنو ته پٿر، ڳري مشينري ۽ عملي کي الرٽ رکيو وڃي ۽ هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ 24 ڪلاڪ تيار رکيو وڃي. ڪمشنر آبپاشي اختيارين تي زور ڏنو ته اهي سنڌو درياءَ ۾ پاڻي جي وهڪري ۽ سطح تي مسلسل نظر رکن ۽ ڪنهن به ممڪن خطري يا ڀڃ ڊاهه جي صورت ۾ فوري ڪارروائي ڪن. هن چيو ته ڊويزنل انتظاميا ڊيم جي ويجهو رهندڙ ڳوٺن ۽ شهرين جي حفاظت لاءِ سڀئي موجود وسيلا استعمال ڪري رهي آهي ۽ ان حوالي سان ڪنهن به قسم جي غفلت يا لاپرواهي برداشت نه ڪئي ويندي. دوري دوران لاڳاپيل انجنيئرن ڪمشنر شهيد بينظير آباد کي بند جي موجوده صورتحال ۽ پاڻي جي سطح بابت تفصيلي بريفنگ پڻ ڏني. ان موقعي تي چيف انجنيئر سکر بئراج ليفٽ بينڪ ريجن مجتبيٰ ڌمرا ڪمشنر شهيد بينظير آباد کي ڪيل انتظامن بابت آگاهه ڪيو.
0 تبصرے