English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
نوشهروفيروز: آبپاشي کاتي جي ملازمن پاران آبپاشي آفيس آڏو ڌرڻي جو اعلان
206 views
|
18th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملڪ ۾ مهانگائي ۾ 400 سيڪڙو اضافو ٿي چڪو ، پر ملازمن جي پگهارن ۾ خاطرخواهه اضافو ناهي ٿيو: غلام قمبر مري
نوشهروفيروز (ڊ ر)ٽائيم اسڪيل نه ملڻ، ملازم بابر منگي جي معطلي ۽ مهانگائي جي تناسب سان پگهارن ۾ اضافو نه ڪرڻ خلاف آبپاشي کاتي جي ملازمن سڀاڻي ڪنڊيارو ۾ انجنيئر آفيس آڏو احتجاجي ڌرڻي جو اعلان ڪري ڇڏيو۔ تفصيل موجب آبپاشي کاتي جي ملازمن پنهنجي جائز مطالبن جي حق ۾ احتجاج جو فيصلو ڪيو آهي۔ ان سلسلي ۾ ابدار ڪئنال ايسوسيئيشن سنڌ جي صدر غلام قمبر مري، اياز سنگراسي, مولا بخش سيال, اعجاز راڄپر ۽ نوشهروفيروز ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ملڪ ۾ مهانگائي ۾ چار سئو سيڪڙو اضافو ٿي چڪو آهي، پر سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ ڪو به خاطرخواهه اضافو نه ڪيو ويو آهي، جنهن سبب ملازم سخت معاشي مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن۔ هنن چيو ته ملازمن جا جائز مطالبا مسلسل نظرانداز ڪيا پيا وڃن، جڏهن ته بابر منگي جي معطلي پڻ ملازمن سان ناانصافي آهي۔ اڳواڻن مطالبو ڪيو ته فوري طور بابر منگي جي معطلي جا حڪم واپس ورتا وڃن، ملازمن کي ٽائيم اسڪيل ڏنو وڃي ۽ مهانگائي جي تناسب سان پگهارن ۾ اضافو ڪيو وڃي۔ غلام قمبر مري خبردار ڪندي چيو ته جيڪڏهن مطالبا تسليم نه ڪيا ويا ته سڀاڻي ڪنڊيارو ۾ آبپاشي کاتي جي انجنيئر آفيس آڏو ڀرپور ڌرڻو هنيو ويندو۔ هن چيو ته احتجاج دوران ڪنهن به ناخوشگوار صورتحال جي ذميواري لاڳاپيل اختيارين تي عائد ٿيندي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
25th Aug 2026
•
سندھ
اسوہ حسنہ پوری انسانیت کے لیے مشعل راہ ہے، نظام مصطفیٰ ﷺ کی جدوجہد تیز کرنا عشق مصطفیٰ ﷺ کا حقیقی تقاضا ہے، کاشف سعید شیخ
25th Aug 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ميرٽ جو جنازو !!!
25th Aug 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سنڌ کي گوانگ ڊانگ، ڪيليفورنيا ۽ ٽيڪساس جهڙو ڪيئن بڻايو وڃي؟
21st Aug 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعليم جي نالي ۾ ملير جي مٽيءَ جو ماتم، ايجوڪيشن سٽي، اجڙندڙ ڳوٺ ۽ خاموش ٿيندڙ آواز
25th Aug 2026
•
سندھ
اسوہ حسنہ پوری انسانیت کے لیے مشعل راہ ہے، نظام مصطفیٰ ﷺ کی جدوجہد تیز کرنا عشق مصطفیٰ ﷺ کا حقیقی تقاضا ہے، کاشف سعید شیخ
25th Aug 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ميرٽ جو جنازو !!!
25th Aug 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سنڌ کي گوانگ ڊانگ، ڪيليفورنيا ۽ ٽيڪساس جهڙو ڪيئن بڻايو وڃي؟
21st Aug 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعليم جي نالي ۾ ملير جي مٽيءَ جو ماتم، ايجوڪيشن سٽي، اجڙندڙ ڳوٺ ۽ خاموش ٿيندڙ آواز
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
نوشهروفيروز: آبپاشي کاتي جي ملازمن پا
0 تبصرے