شڪارپور ۾ جيئي سنڌ محاذ طرفان شھيد الله بخش سومرو جي ورسي ملهائي وئي

شھيد قيوم منگي چوڪ کان شھيد الله بخش سومرو جي مزار تائين ريلي ڪڍي وئي

شڪارپور ۾ جيئي سنڌ محاذ طرفان شھيد الله بخش سومرو جي ورسي  ملهائي وئي

شڪارپور ( احسان ابڙو )جيئي سنڌ محاذ طرفان شھيد الله بخش سومرو جي 83ورسي جي موقعي تي شھيد قيوم منگي چوڪ کان ريلي شھيد الله بخش سومرو جي مزار تي پھنچي گلن جي چادر چاڙھي جتي مرڪزي اڳواڻ اسدالله سومرو ڊويزنل صدر عمران منگي سومرا اتحاد جي اڳواڻ ارشد سومرو ضلعي اڳواڻ عرض محمد کوسو احسان رند زاھد ڪانڌڙو مقصول مقصود ميراڻي علي حسن مسيع عتيق الله سومرو ۽قومي ڪارڪنن شرڪت ڪئي اڳواڻن مخاطب ٿيندي چيو تہ شھيد الله بخش سومرو آزادي پسند قومپرت ھيو ھن جي سياست عبادت واري ھئي