جوابدار ڏير ڀاڄائي ۾ ناجائز لاڳاپا هئا جيڪي قتل جو ڪارڻ بڻيا: ذريعا
نوشھرو فيروز (ڊ ر)ڀريا سٽي ٿاڻي جي حد ڳوٺ يعقوب ھڪڙو ۾ 28 ورهين جي عبدالرحمان عرف الله ورايو ھڪڙو جي قتل واري واقعي جو ايس ايس پي نوشھرو فيروز مير روحل خان کوسو سخت نوٽيس وٺندي ملوث جوابدارن جي فوري گرفتاري جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن۔ ڀريا سٽي پوليس فوري ڪارروائي ڪندي قتل ۾ مبينا طور ملوث مقتول جي زال مسمات گل ناز کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جڏهن ته ٻئي جوابدار سعيد ھڪڙو، جيڪو مقتول جو ڀاءُ ۽ جوابدار عورت جو ڏير ٻڌايو پيو وڃي، جي گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن۔ پوليس موجب مقتول گذريل ٻن ڏينهن کان گم هو، جڏهن ته اڄ سندس لاش گهر اندر رکيل هڪ پيٽي مان هٿ آيو۔ شروعاتي جاچ دوران انڪشاف ٿيو آهي ته مقتول کي مبينا طور سندس زال پنهنجي ڏير سان گڏجي قتل ڪيو۔ ذريعن موجب جوابدار عورت جا پنهنجي ڏير سان ناجائز لاڳاپا هئا، جيڪي مبينا طور قتل جو سبب بڻيا۔ واقعي جو ڪيس ڀريا سٽي ٿاڻي تي داخل ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته گرفتار عورت کان وڌيڪ جاچ جاري آهي ۽ وڌيڪ اهم انڪشافن جي اميد ظاهر ڪئي پئي وڃي۔ ايس ايس پي نوشھرو فيروز مير روحل خان کوسو واقعي تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ملوث جوابدارن کي قانون موجب سخت سزا ڏيارِي ويندي۔ فرار ٿيل جوابدار جي گرفتاري لاءِ خاص ٽيمون پڻ جوڙيون ويون آهن۔ ضلعي پوليس ترجمان موجب واقعي جي جاچ جو دائرو وڌيڪ وڌايو پيو وڃي۔
0 تبصرے