پ پ جي اڳوڻي وفاقي وزير اياز شاهه شيرازي سان مختلف اڳواڻن جي ملاقات

آپڪا اڳواڻن محمد حنيف چنڊ، راجو قريشي جي اڳواڻي م سياسي سماجي اڳواڻن ملاقات ڪئي

پ پ جي اڳوڻي وفاقي وزير اياز شاهه شيرازي سان مختلف اڳواڻن جي ملاقات

ٺٽو(شفيق ڀٽي)واپڊا حيسڪو جي عملدارن سان ملاقات ڪري جلد انهن مسئلن جو حل ڪڍيو ويندو سيد اياز علي شاهه شيرازي مڪلي شيرازي هائوس تي قومي اسيمبلي جي رڪن، پارلياماني ڪميٽي مواصلات جي ميمبر ۽ خوراڪ سيڪيورٽي کاتي جي اڳوڻي وفاقي وزير مملڪت سيد اياز علي شاهه شيرازي سان آپڪا ٺٽو جي اڳواڻن محمد حنيف چنڊ، راجو قريشي جي اڳواڻي ۾ ٺٽي سان تعلق رکندڙ سياسي، سماجي ۽ سول سوسائٽي جي اڳواڻن، ڊاڪٽر آڪاش عباسي سميت شهرين ملاقات ڪئي۔ ملاقات ڪندڙ اڳواڻن ۽ شهرين پاران واپڊا حيسڪو ٺٽو جي ايس ڊي او طرفان بجلي چوري جي الزام هيٺ بغير ڪنهن اطلاع جي پوليس ساڻ ڪري شهرين جي گهرن تي ناجائز ڇاپا هڻڻ، شهرين تي داخل ڪرايل اي ٽي سي مقدمن سميت واپڊا سان لاڳاپيل مختلف مسئلن بابت آگاهي ڏني وئي۔ ان موقعي تي سيد اياز علي شاهه شيرازي ٺٽي جي سياسي، سماجي اڳواڻن سميت ملاقات ڪندڙ شهرين کي يقين ڏياريو ته واپڊا ٺٽو سان تعلق رکندڙ ڪنهن به اهلڪار کي ٺٽي جي شهرين سان زيادتي ڪرڻ نه ڏني ويندي۔ سيد اياز علي شاهه شيرازي چيو ته جيڪي به مسئلا پيدا ٿيا آهن، واپڊا حيسڪو جي عملدارن سان ملاقات ڪري جلد انهن مسئلن جو حل ڪڍيو ويندو۔