گھارو ويجهو ڪي ڊي اي ڪئنال ۾ نوجوان ٻڏي فوت، لاش جي ڳولا جاري

گھارو ويجهو ڪي ڊي اي ڪئنال ۾ نوجوان ٻڏي فوت، لاش جي ڳولا جاري

ٺٽو (شفيق ڀٽي) گھارو ڀرسان گجي ويجهو ڳوٺ علي محمد ڪاتيار سامهون ڪي ڊي اي ڪئنال ۾ هٿ منهن ڌوئڻ دوران پير سلپ ٿيڻ سبب بهاول نگر، پنجاب جو 22 ورهين جو نوجوان محمد وقاص ولد محمد يوسف پاڻي ۾ ڪري ٻڏي فوت ٿي ويو.اطلاعن موجب فوتي نوجوان پنهنجي والد سان گڏ ٽرڪ ذريعي ڪراچي وڃي رهيو هو. رستي ۾ هٿ منهن ڌوئڻ لاءِ ڪي ڊي اي ڪئنال تي لٿو، جتي اوچتو پير سلپ ٿيڻ سبب پاڻي جي تيز وهڪري ۾ وهي ويو.واقعي جي اطلاع تي گجو پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقامي ماڻهن جي مدد سان لاش جي ڳولا شروع ڪرائي. آخري اطلاعن تائين نوجوان جو لاش هٿ نه اچي سگهيو هو، جڏهن ته ڳولا جو عمل جاري هو.