ٺٽي جي عدالت پاران غلام الله جي صحافي پيرل پياسي جي ضمانت منظور

عدالت دليل ٻڌڻ بعد گرفتار صحافي پيرل پياسي کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

ٺٽي جي عدالت پاران غلام الله جي صحافي پيرل پياسي جي ضمانت منظور

ٺٽو(محمد شفيق ڀٽي)13ڏينهن اڳ گرفتار ٿيل غلام الله جي صحافي پيرل پياسي جي ضمانت ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت نامياري قانوندان اعجاز جماڻي ايڊووڪيٽ جي مضبوط قانوني دليلن کان پوءِ منظور ڪري ورتي. ضمانت منظور ٿيڻ کان پوءِ حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس (HUJ) يونٽ ٺٽو پاران ڊسٽرڪٽ جيل ٺٽو جي مک گيٽ تي صحافي پيرل پياسي جي آزاديءَ تي شاندار استقبال ڪيو ويو. ان موقعي تي صحافين، سياسي، سماجي ۽ مختلف شعبن سان واسطو رکندڙ ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. شرڪت ڪندڙن پيرل پياسي تي گلن جي ورکا ڪئي، کيس اجرڪون ۽ لونگيون اوڍايون ۽ صحافتي برادري سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. استقبال ۾ حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس يونٽ ٺٽو جي ضلعي اڳواڻن شبير ڀٽي، علي اڪبر دلواڻي، بلاول سمون، اي بي شورو، نظير قريشي، عبيد جماري، سيد امير شاهه ڀاڏائي، عبداللہ چانڊيو، پريس ڪلب ٺٽو جي نائب صدر ڀورو سرڪي، مڪلي پريس ڪلب جي صدر شيراز واريو، غلام الله پريس ڪلب جي صحافين شهزاد ملاح، حسن ڊوليو ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪندي پيرل پياسي کي مبارڪون پيش ڪيون. ان موقعي تي صحافي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته صحافين سان ڪنهن به قسم جو ڏاڍ، ظلم، ڪوڙا ڪيس ۽ انتقامي ڪارروايون هرگز قبول نه ڪيون وينديون. هنن چيو ته حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس هر محاذ تي صحافين جي مالڪي ڪندي ۽ ڪو به صحافي پاڻ کي اڪيلو يا لاوارث نه سمجهي، ڇو ته يونين هر ڏکئي گهڙي ۾ پنهنجي ساٿين سان گڏ بيٺل رهندي. آخر ۾ آزاد ٿيل صحافي پيرل پياسي پنهنجي آزادي لاءِ هلائيل احتجاجي تحريڪ، ڀرپور حمايت ۽ ساٿ ڏيڻ تي حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس يونٽ ٺٽو جي سمورن اڳواڻن، صحافين ۽ ساٿين جو ٿورو مڃيو. هن پنهنجي قانوني وڪيل اعجاز جماڻي ايڊووڪيٽ جي به دل جي گهراين سان مهرباني ادا ڪندي چيو ته سندن قانوني جدوجهد ۽ ساٿ سبب کيس انصاف حاصل ٿيو.