نوشهروفيروز ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر جي صدارت هيٺ اجلاس

محرم الحرام دوران امن امان برقرار رکڻ بابت انتظاميه جو جائزو

نوشهروفيروز ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر جي صدارت هيٺ اجلاس

نوشهرو فيروز (ڊ ر) محرم جي مقدس مهيني ۾، خاص طور تي تعلقي نوشهرو فيروز ۾، امن و امان برقرار رکڻ، مذهبي هم آهنگي کي فروغ ڏيڻ ۽ عزادارن کي لوڪل گورنمينٽ جون سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ هڪ اهم اجلاس منعقد ڪيو ويو. اجلاس جي صدارت اسسٽنٽ ڪمشنر نوشهرو فيروز محمد عثمان عارف ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي اسسٽنٽ ڪمشنر محمد عثمان عارف چيو ته محرم دوران امن و امان برقرار رکڻ ۽ عزادارن کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪرڻ انتظاميه جي اولين ترجيح آهي. اسان سڀني کي گڏجي شرپسند عنصرن تي نظر رکڻي آهي ته جيئن هن مقدس مهيني جو احترام ۽ امن هر قيمت تي برقرار رهي سگھي . اجلاس ۾ تعلقي جي ممتاز عالمن ۽ مختلف فقھن جي اڳواڻن، پوليس عملدارن، رينجرز، ميونسپل ڪميٽي جي آفيسرن ۽ امن ڪميٽي جي ميمبرن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. اسسٽنٽ ڪمشنر محمد عثمان عارف سڀني فقھن جي عالمن تي زور ڏنو ته اهي محرم الحرام دوران رواداري، ڀائيچاري ۽ بين المذاهب هم آهنگي جي ماحول کي برقرار رکن. هن خبردار ڪيو ته اشتعال انگيز تقريرون يا نفرت انگيز مواد پکيڙيندڙن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. اجلاس ۾ ميونسپل ڪميٽي جي آفيسرن کي هدايت ڪئي وئي ته اهي اجتماعن جي جڳهن ۽ ماتمي جلوسن جي روايتي رستن تان تجاوزات ختم ڪن ۽ صفائي جا بهترين انتظام ڪن ۽ اسٽريٽ لائيٽون چالو ڪن. تعلقي جي سڀني کاتن کي هدايت ڪئي وئي ته عزادارن لاءِ صاف پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي ۽ سيپڪو جي عملدارن کي هدايت ڪئي وئي ته محرم دوران اجتماعن ۽ جلوسن جي وقت (خاص طور تي ماتمي ڏينهن) دوران لوڊشيڊنگ کان پاسو ڪيو وڃي. صحت کاتي جي آفيسرن کي هدايت ڪئي وئي ته جلوسن سان گڏ ايمبولينس، ڊاڪٽرن ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف جي موجودگي کي يقيني بڻايو وڃي ۽ اسپتالن ۾ دوائن جو اسٽاڪ مڪمل رکيو وڃي. پوليس عملدارن بريفنگ ڏيندي چيو ته سڀني امام بارگاهن ۽ حساس هنڌن تي سخت سيڪيورٽي انتظام ڪيا پيا وڃن. اجلاس جي آخر ۾ ملڪ جي سلامتي، اتحاد ۽ محرم جي پرامن انعقاد لاءِ خاص دعا گهري وئي.