English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
خضدار مان اغوا ٿيل سعيد ميمڻ جي بازيابي لاءِ نوشهروفيروز ۾ ريلي
109 views
|
14th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
شهرين، وڪيلن، سول سوسائٽي ۽ سعيد ميمڻ جي مائٽن پاران ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو
نوشهرو فيروز (ڊر)بلوچستان مان اغوا ڪيل سنڌ جي اديب، شاعر، دانشور ۽ ريٽائر آفيسر سعيد ميمڻ جي بازيابيءَ لاءِ سول سوسائٽي، شهرين، وڪيلن، صحافين ۽ سندس مِٽن مائٽن پاران نوشهرو فيروز جي مين روڊ ٺاروشاھ اسٽاپ کان اللّٰه واري چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو لڳايو ويو، جتي مظاهرين اڳواڻن اعظم ميمڻ، بلاول امجد ميمڻ، عبدالشڪور عباسي، يونس راڄپر، وڏيرو نذير احمد ميمڻ، سجاد ميمڻ، عامر حسين ميمڻ، حسيب ميمڻ، ارشاد عباسي، ثاقب ميمڻ، رفيق پيرزادو، اطهر حسين ميمڻ ۽ ٻين چيو ته 29 ڏينهن گذرڻ باوجود سعيد ميمڻ کي بازياب ڪرائڻ ۾ حڪومتي سطح تي ڪابه سنجيده ڪوشش نه ورتي ويئي آهي، لڳي ٿو ته اغواڪار حڪومت ۽ رياست کان طاقتور آهن، جو انهن تائين پهچي نٿو سگهجي. هنن چيو ته روزاني جي بنياد تي نوشهرو فيروز جي مئن روڊ تي سعيد ميمڻ جي بازيابيءَ لاءِ احتجاج ٿي رهيو آهي ۽ پوري سنڌ به سراپا احتجاج آهي. هنن چيو ته سعيد ميمڻ جي اغوا سبب پوري سنڌ جو شعور ۽ سندس مٽ مائٽ سخت پريشان آهن ڇو جو سعيد ميمڻ نه رڳو ريٽائر آفيسر پر سنڌ جو اديب، شاعر ۽ داڻشور آهي. هنن سنڌ، بلوچستان حڪومت، سردار اختر مينگل ۽ بلوچ اڳواڻن کان مطالبو ڪيو ته سعيد ميمڻ جي باحفاظت واپسي تائين سنجيده ڪوششون ورتيون، تيستائين هيءُ احتجاجي سلسلو جاري رهندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
22nd Jul 2026
•
سندھ
کراچی پریس کلب کے نئے ارکان کے پلاٹوں کی قرعہ اندازی اگست کے پہلے ہفتے میں ہوگی، ناصر حسین شاہ
22nd Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
انڈس آر اے ایس ایکسپو 2026: پاکستان کے روشن اور جدید مستقبل کی جانب ایک اہم قدم
21st Jul 2026
•
پاکستان
ہائیڈل برگ یونیورسٹی میں "علامہ اقبال چیئر" کی بحالی آخری مرحلے میں داخل ہو چکی ہے: سفیرپاکستان ثقلین سیدہ
21st Jul 2026
•
سندھ
آزاد کشمیر کے انتخابات میں پیپلز پارٹی بھر پور کامیابی حاصل کرے گی، فاطمہ مجید
22nd Jul 2026
•
سنڌي خبرون
ھڱورجا ۾ وڌندڙ بدامني خلاف شٽربند ھڙتال ۽ پنجھٽي چوڪ تي ڌرڻو
22nd Jul 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ ٻارن کي پوليو ۽ ٻين خطرناڪ بيمارين کان محفوظ بڻائڻ بابت سيمينار
22nd Jul 2026
•
سنڌي خبرون
مورو پوليس پاران شادي جي نالي تي ماڻهن سان فراڊ ڪندڙ ٽولي کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
22nd Jul 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جي نامياري شاعر علي صفدر جي ٻارن جي سهائتا لاءِ گلشن حديد ۾ امدادي ڪيمپ قائم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
خضدار مان اغوا ٿيل سعيد ميمڻ
0 تبصرے