English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي مختلف شھرن ۾ ريليون، مظاھرا
43 views
|
11th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌو درياهه تي ڌاڙي، 28هين ترميم، سنڌ ٽوڙڻ جي سازشن خلاف بيداري مهم هلائي وئي
حيدرآباد(بيورو) سنڌو درياھ تي ڌاڙي، 28ھين ترميم، ڪرپشن، سنڌ ٽوڙڻ جي سازش سميت سنڌ دشمن منصوبن خلاف قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي متحد ۽ مضبوط سنڌ جي عنوان سان ٻئي ڏينھن بہ مختلف شھرن ۾ ريليون، مظاھرا ۽ ھينڊ بل ورھائي بيداري مھم ھلائي وئي. ان ڏس ۾ ڪورنگي ڪراچي جي علائقي مھراڻ ٽائون ۾ قومي عوامي جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري مظھر راھوجو، صدر حسين سنڌي، عابد جوڻيجو، ايڊووڪيٽ سانول گوپانگ، پير بخش ڄامڙو، اي ڊي ذوالفقار گاڏهي، سجاد گاڏھي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مختلف بازارن ۾ پيادل مارچ ڪري دڪانن ۽ هوٽلن تي عوام ۾ هينڊ بل ورهايا ويا. ھوڏانھن حيدرآباد جي علائقي بھار ڪالوني ۾ ريلي ڪڍي مظاھرو ڪيو ويو، جنھن جي اڳواڻي ضلعي صدر نذير بليري، نور حسن جمالي، خير جان چانڊيو، بابو سولنگي، جمن سولنگي، راول سيال ۽ ٻين ڪئي. غوثپور شهر ۾ ارسلاح بهلڪاڻي، راشد ڀيو، نياز احمد ڀيو، سائين بخش جعفري، نظير اوڳاهي، ظهور ملڪ ۽ ٻين شھر جي دڪانن تي وڃي کين ھينڊ بل ڏنا ۽ سنڌ دشمن منصوبن کان آگاھ ڪري کين جدوجھد ۾ ساٿ ڏيڻ جي اپيل ڪئي. جڏھن تہ ٿرپارڪر جي هيڊڪوارٽر مٺي شھر ۾ قومي عوامي تحريڪ ضلعي ٿرپارڪر جي صدر وجي ساگر، سنڌي نوجوان تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر ڪامريڊ علي اڪبر خاصخيلي، وزير سميجو ۽ ٻين شھر ۾ مارچ ڪري شھرين ۾ ھينڊ بل ورھايا. ٻئي طرف ڪنري ۾ قومي عوامي تحريڪ، سنڌي هاري تحريڪ جي مرڪزي صدر ڪامريڊ ڪرڙ ريٻاري، قومي عوامي تحريڪ ضلعي عمرڪوٽ جي صدر ذڪريا سمون، صيفلا سمون، جلال بجير، الفقرا رحيم مھر ۽ ٻين پريس ڪلب اڳيان مظاھرو ڪيو. ان موقعي تي قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري مظھر راھوجي ڳالھائیندي چيو تہ سنڌ کي درپيش سياسي، معاشي ۽ سماجي چئلينجن کي نظر ۾ رکندي سنڌ جي عوام ۾ اتحاد، شعور ۽ گڏيل جدوجهد جي ضرورت آھي۔ درياھ، سمنڊ، زمينون ۽ ٻيا وسيلا ڦٻائڻ لاءِ سنڌ ۾ قبيلائي جھيڙا ۽ انتهاپسندي کي وڌايو ويو آھي. دشمن چاھين ٿا ته سنڌ جا ماڻھو پاڻ ۾ وڙھن. ھڪٻئي کي قتل ڪن. الزام ھڻي دشمن بنجي وڃن. قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي نائب صدر ارصلاح بھلڪاڻي ڳالھائیندي چيو تہ پنجاب ڏيڍ سئو سالن کان سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙا ھڻي رھيو آھي. ملڪ ۾ جمھوريت جي نالي ۾ مارشلا قائم آھي. آئيني ترميمن ذريعي عدليہ ۽ انصاف کي قتل ڪيو ويو آھي. بلديه فيڪٽري سانحي جي قاتلن کي بري ڪرڻ انصاف جو قتل آھي. 28ھين آئيني ترميم سنڌ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ جي ملڪ دشمن سازش ڪئي وئي آھي. پيپلز پارٽي حڪومت سمنڊ، تيل، گئس، ڪوئلو، زمينن سميت سمورا وسيلا وڪڻي ڇڏيا آھن. سنڌي گرلس اسٽوڊنٽس تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر فضا ملاح ڳالھائیندي چيو تہ حڪمرانن ميرٽ ختم ڪري پبلڪ سروس ڪميشن کي ڪرپشن جو اڏو بنائي ڇڏيو آھي. نوجوانن جي اميدن جو قتل ڪيو پيو وڃي. نااھل ۽ ڪرپٽ ماڻھو ڀرتي ڪري تعليم، صحت سميت ھر کاتي جي تباھ ڪيو ويو آھي. شھر ڪچري جو ڍير ۽ ٻھراڙيون کنڊر بنجي ويون آھن. سنڌ ۾ 70 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ ٿي وئي آھي. پاڻي نه ملڻ ڪري ساريون، ووئڻ، ڪمند ۽ ٻيا فصل سڪي رھيا آھن. مھانگائي سبب ماڻھو 2 وقت جي ماني کان محروم آھن. ٿر، بدين سميت سنڌ ۾ غربت، بک ۽ بدحالي سبب ماڻھو خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آھن.سنڌي ھاري تحريڪ جي مرڪزي صدر ڪرڙ ريٻاري ڳالھائیندي چيو تہ وفاقي حڪومت کي سنڌ جا وسيلا گھرجن، سنڌ جي ماڻھن لاءِ انھن وٽ ڪو به پروگرام ناھي. سنڌ حڪومت وٽ ڦرلٽ ۽ ڪرپشن کانسواءِ ٻيو ڪو پروگرام ناھي. سنڌ جي پنھنجي حصي جو پاڻي ملي وڃي ھا. زراعت جي بھتري سان سنڌ ۾ خوشحالي اچي وڃي ھا. جيڪو فصل لھي ٿو ان جا اگھ ڪيرائي ھارين ۽ آبادگارن جو معاشي قتل ڪيو وڃي ٿو.قومي عوامي تحريڪ ضلعي حيدرآباد جي صدر نظير بليدي ڳالھائیندي چيو تہ بجلي ناھي، گئس ناھي، مھانگائي سبب ماڻھو ماني کان محروم ٿي ويا آھن. ڳرا ٽئڪس ھڻي عوام جي معاشي ڦرلٽ ڪئي پئي وڃي. پئٽرول ۽ ڊيزل مھانگو ٿيڻ ڪري ھر شئي مھانگي ٿي وئي آھي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
15th Jun 2026
•
پاکستان
علامہ اقبال اوپن یونیورسٹی میں ترکش سمر کیمپ کا آغاز
14th Jun 2026
•
شوبز
سلیم آفریدی کی شاندار پرفارمنس اور خیال خان کی بہترین ڈائریکشن نے "سلیم کا تماشہ" کو یادگار بنا دیا
12th Jun 2026
•
تازہ ترین
وفاقی حکومت کی جانب سے 18 ہزار 771 ارب روپے سے زائد کا بجٹ پیش، تعلیم کے لیے 46 ارب اور دفاع کے لیے 3 ہزار ارب مختص
12th Jun 2026
•
شوبز
جانوروں کے بجائے جنسی درندوں پر تجربات کیے جائیں: مریم نفیس
16th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
جاتي ڀرسان يوسي مريد کوسو ۾ نوجوان گوليون هڻي قتل
16th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
رپڙي: ستابو شھر ۾ نوجوان ناري ڪارنهن الزام هيٺ قتل
16th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
چمبڙ ويجهو ڳوٺ قادر بخش موري ۾ جهيڙي دوران هڪ ڄڻو قتل، ٻيو زخمي
16th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ ڳوٺ قادر بخش ساند واسين جو احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي م
0 تبصرے