عبدالرحمان راجپوت ۽ سندس ساٿي مختلف طريقن سان حراسان ڪندا رهيا آهن: نازيه مغل
ڪوٽ لالو (رپورٽر) ڪوٽ لالو اسٽيشن واسيڻ نوجوان ناري پاران اوباش نوجوانن پاران حراسمنٽ ڪرڻ خلاف احتجاج ناري پاران حراسمنٽ ڪرڻ خلاف اين سي داخل ڪرائڻ باوجود پوليس جوابدارن خلاف ڪاروائي نه ڪئي، نازيه مغل دانهيندي چيو ته ريلوي اسٽيشن جي رهواسيڻ ناري نازيه مغل احتجاج ڪندي چيوته آهي ته مون کي عبدالرحمان راڄپوت ساٿين سان گڏ جي حراسمنٽ ڪندو رهيو آهي مختلف طريقن سان مون کي بليڪ ميل ڪيو پيو وڃي مون کي پريشان ڪيو پيو وڃي عبدالرحمان راڄپوت ۽سندس ساٿين پاران مون کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هٿيار کڻي اسان جي در تي مون کي۽گهر ڀاتين کي ڌمڪيون ڏنيون ويون آهن مان عبدالرحمن راڄپوت ۽سندس ساٿين خلاف ڪوٽ لالو ٿاڻي تي اين سي به داخل ڪرائي آهي پر پوليس جوابدارن خلاف ڪابه ڪاروائي نٿي ڪري جوابدارن گرفتار ڪري مونسان انصاف ڪرايو وڃي
0 تبصرے