ڏوڪري(اطهر ميمڻ) ڏوڪري تعلقي جي يونين ڪائونسل دڙا جي چيئرمين پاران يونين ڪائونسل ۾ معززین سان گڏجاڻيون، يونين ڪائونسل ۾ بهتر کان بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ تي غور ويچار، ڪاميٽيون ٺاهيون ويون، يونين ڪائونسل دڙا جي چيئرمين ايڊووڪيٽ بشير احمد جوڻيجو پاران يونين ڪائونسل جي مختلف ڳوٺن جي معززين سان گڏجاڻي ڪئي آهي گڏجاڻي ۾ يونين ڪائونسل ۾ نشي، جوا جهڙي موذي مرض کان بچڻ، ٻارن کي اسڪولن ۾ داخلا وٺي ڏيڻ سميت مختلف معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو ان موقعي تي يوسي چيئرمين ايڊووڪيٽ بشير احمد جوڻيجو جو چوڻ هو ته يونين ڪائونسل دڙا جي مختلف ڳوٺن جي ڳوٺاڻن سان گڏجي ڪئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته يونين ڪائونسل ۾ هلندڙ جوا، منشيات کي بند ڪرايو ويندو ۽ ٻارڙن کي اسڪولي ڊريسون، ڪتاب وٺي ڏئي اسڪولن ۾ داخلا ڪرايو ويندو جنهن جي لاءِ ڪاميٽيون مقرر ڪري ڇڏيون آهن. هن چيو ته يونين کي ڪائونسل ۾ صحت، تعليم جي بهتري لاءِ جاکوڙي رهيا آهيون جيڪي يونين ڪائونسل جي ماڻهن جو بينادي حق آهي.
0 تبصرے