English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
قمبر شھدادڪوٽ ضلعي جي جابلو پٽي ۾ مفت ميڊيڪل ڪيمپ لڳائي وئي
7 views
|
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ڪيمپ جو افتتاح ڊي ايڇ او ڊاڪٽر گلزار علي تنيو، لشڪر خان چانڊيو ڊاڪٽر سيد حبيب شاھ بخاري ڪيو
قمبر (ڊ ر) قمبر شھدادڪوٽ ضلعي جي جابلو پٽيء واري ڳوٺ ڪوٽ نواب گڙتل ۾ ڊي ايڇ او آفيس قمبر شھدادڪوٽ ۽ برج ڪنسلٽنٽ فائونڊيشن جي تعاون سان ٽي بي ڇاتي سميت ٻين بيمارين جي مريضن لاء هڪ ڏينھن جي مفت ميڊيڪل ڪيمپ منعقد ڪئي وئي جنھنجو افتتاح ڊي ايڇ او قمبر شھدادڪوٽ ڊاڪٽر گلزار علي تنيو، ضلعي ڪائونسل جي ميمبر نوابزادا لشڪر خان چانڊيو ۽ ٽي بي ڪنٽرول پروگرام جي ڪوآرڊينٽر ڊاڪٽر سيد حبيب شاھ بخاري گڏجي ڪيو مفت ميڊيڪل ۾ جابلو پٽيء جي غريب مسڪين سوين مردن، عورتن ۽ ٻارڙن کي ماھر ڊاڪٽرن ۽ ڊاڪٽرياڻن جي ٽيم ڊاڪٽر شاھدا مگسي، ڊاڪٽر بسما ضياء اسراڻ، ڊاڪٽر سنتوش ڪمار، ڊاڪٽر وڪيش ڪمار، صادق شاھ، ڊاڪٽر بينا ابڙو، ڊاڪٽر ربينا ابڙو، ڊاڪٽر فاطما ۽ پرھ پاران چڪاس ڪئي وئي ۽ کين مفت ۾ دوائون پڻ فراھم ڪيون ويون جڏھن ته مفت ميڊيڪل ڪيمپ تي ٽي بي ۽ ھيپاٽائٽس جون ٽيسٽون پڻ ڪيون ويون جن مان مثبت نتيجو اچڻ بعد مريضن کي سمورو ڪورس مفت ڏنو ويو ان موقعي تي ڊي ايڇ او قمبر شھدادڪوٽ ڊاڪٽر گلزار علي تنيو، اي ڊي ايڇ او ڊاڪٽر سيد حبيب شاھ بخاري، ڊاڪٽر صدام حسين ڀٽو، ڊاڪٽر محمد نواز ڪمالاڻي، سيد نديم حسين شاھ ۽ عمران علي ٻرڙو چيو ته ضلعي صحت آفيس طرفان سماجي تنظيم برج ڪنسلٽنٽ فائونڊيشن، ممتا پروگرام، سرسو جي تعاون سان قمبر شھدادڪوٽ جي جابلو پٽيء واري ڳوٺ ڪوٽ نواب گڙتل ۾ پنھنجي ضلعي جي غريب مسڪين ماڻھن کي در تي صحت جي سھولت فراھم ڪرڻ لاء مفت ميڊيڪل ڪيمپ لڳائي آھي جنھن جو مقصد ھتان جي مقامي ماڻھن کي بنيادي صحت جون سھولتون فراهم ڪرڻ بيمارين جي ابتدائي تشخيص ۽ وبائي بيمارين بابت آگاهي فراهم ڪرڻ هو مفت ميڊيڪل ڪئمپ دوران مختلف بيمارين جي ماھر مرد ۽ عورت ڊاڪٽرن جي ٽيم مريضن کي چڪاسي کين مفت دوائون فراھم ڪيون آھن جڏھن ته ٽي بي، مليريا ۽ ايڇ آءِ وي جي اسڪريننگ پڻ ڪئي وئي ۽ جين ايڪسپرٽ ٽيسٽ پڻ ڪيا ويا آھن جڏھن ته ايڪسري وين ذريعي ايڪسري پڻ ڪيا ويا آھن جڏھن ته مفت ميڊيڪل ڪيمپ لڳائڻ جو مقصد صرف اھو آھي ته پنھنجي ضلعي قمبر شھدادڪوٽ جي عوام کي صحت جون سھولتون سندن در تي مھيا ڪريون مفت ميڊيڪل ڪيمپ ۾ صحت کاتي قمبر شھدادڪوٽ جي ٽيم شيخ زيد وومين اسپتال لاڙڪاڻو جي ڊاڪٽرياڻن سرسو، ممتا پروگرام ۽ برج ڪنسلٽنٽ پاران شرڪت ڪئي جڏھن ته لڳايل مفت ميڊيڪل ڪيمپ ڪاميابي سان مڪمل ٿي اهڙيون ميڊيڪل ڪيمپون مقامي آبادي لاءِ صحت جي سهولتن جي فراهمي ۽ بيمارين جي وقت سر سڃاڻپ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون،
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
23rd Apr 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
رئيس حاجي بنگل خان چانگ هڪ منفرد شخصيت..!!
23rd Apr 2026
•
تازہ ترین
صدر زرداری کی صحت سے متعلق افواہیں بے بنیاد ہیں: سلیم مانڈوی والا
23rd Apr 2026
•
تازہ ترین
امریکی ناکہ بندی کے باوجود آبنائے ہرمز سے ایران کے 34 آئل ٹینکر گزر گئے
23rd Apr 2026
•
سندھ
جاگیردارانہ نظام نامنظور — خواتین کے قتل، تشدد اور ہراسانی کے خلاف کراچی میں احتجاج
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
سانگهڙ ويجهو آئل ٽينڪر رڪشا مٿان چڙهي ويو، ماءُ ڌيءَ فوت، 3 ڄڻا زخمي
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
خراب حڪمراني سنڌ ۾ عورتن ۽ ٻارن جي زندگيءَ جھنم بڻائي ڇڏي آهي: اياز لطيف پليجو
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ: کاروڙو واري علائقي ۾ ناري سان مبينا زيادتي واري واقعي جو ڪيس داخل
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول شهر ۾ آمڙا ۽ لوهار برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، فائرنگ، 2 ڄڻا زخمي
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
قمبر شھدادڪوٽ ضلعي جي جابلو پٽي
0 تبصرے