عوامي پريس ڪلب ٺٽو ۾ مختلف مڪتبِ فڪر جي ماڻهن جي آمد، صحافين سان ملاقات

معروف محسن، عبدالصمد سومرو، فرحان سومرو،بشير جوکيو، ڪريم الله ۽ ٻيا پريس ڪلب پهتا

عوامي پريس ڪلب ٺٽو ۾ مختلف مڪتبِ فڪر جي ماڻهن جي آمد، صحافين سان ملاقات

ٺٽو ( محمد شفيق ڀٽي)عوامي پريس ڪلب ٺٽو ۾ مختلف مڪتبِ فڪر سان تعلق رکندڙ معزز شخصيتن جي آمد جو سلسلو جاري آهي، جتي مهمانن صحافين سان ملاقاتون ڪري پريس ڪلب جي خدمتن کي ساراهيو. هن سلسلي ۾ سومرو برادري جي معروف محسن، سردار مرحوم عبدالڪريم سومرو جا صاحبزادا عبدالصمد سومرو، فرحان سومرو ۽ ثمير سومرو، جڏهن ته ڪوھستان سان تعلق رکندڙ سماجي اڳواڻ ۽ جوکيو برادري جا اڳواڻ، اڳوڻو ناظم بشير احمد جوکيو، چيئرمين جنگشاهي ڪريم الله جوکيو ۽ ڀورو جوکيو پڻ پريس ڪلب پهتا ۽ صحافين سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي پريس ڪلب جي صحافين اي بي شورو، عبيد جماري، منظور پالاري، ممتاز سميجو، مجتبيٰ بڪيرو، ثناءُ الله سمون، زاهد جوکيو ۽ ستار سومرو مهمانن جو گرمجوشي سان استقبال ڪندي کين ڀليڪار چيو. ملاقات دوران مهمانن عوامي پريس ڪلب ٺٽو جي ٽيم جي صحافتي خدمتن کي ساراهيندي چيو ته پريس ڪلب هميشه علائقي جي عوامي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، جيڪو قابلِ تحسين عمل آهي. هنن زور ڏنو ته صحافي پنهنجي پيشاورانه ذميواريون ايمانداري، سچائي ۽ بيباڪي سان جاري رکن ته جيئن مظلوم ۽ بي آواز ماڻهن جي آواز اعليٰ اختيارين تائين پهچي سگهي. ان موقعي تي گڏيل دلچسپي وارن معاملن، علائقائي مسئلن ۽ صحافتي ڪردار تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جڏهن ته مهمانن پريس ڪلب سان هر ممڪن سهڪار جاري رکڻ جي به خاطري ڪرائي.