ٺٽو پوليس جي ڪارروائي، گٽڪا وڪرو ڪندڙ ۽ مٽيريل سپلائر جوابدار گرفتار

ٺٽو پوليس جي ڪارروائي، گٽڪا وڪرو ڪندڙ ۽ مٽيريل سپلائر جوابدار گرفتار

ٺٽو( شفيق ڀٽي)ايس ايچ او ٿاڻو مڪلي سب انسپيڪٽر مظھر علي ڪانگو پنهنجي عملي سان گڏ خفيه اطلاع تي جنگشاهي کان مالماڙي لنڪ روڊ تي ڪامياب ڪارروائي ڪندي ڪلٽس ڪار نمبر BWS-375 ۾ گٽڪا مٽيريل سپلائي ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي، 3 جوابدارن وحيد ولد محمد عظيم بروهي، مقبول ولد لنواري بروهي ۽ يونس ولد محمد اسماعيل بروهي کي 390 ڪلو گٽڪا مٽيريل ۽ 110 پڙيون گٽڪا ماوا سميت گرفتار ڪري ورتو۔ ان کان علاوه ٿاڻو مڪلي ۽ ٺٽو پوليس مختلف هنڌن تي ڪارروائيون ڪندي وڌيڪ 4 گٽڪا فروش جوابدارن وحيد ولد منگھن جاکرو، وسيم ولد خالد جاکرو، غلام قادر ولد حمير سمون ۽ سڪندر ولد خميسو پوريچو کي گرفتار ڪري ورتو۔ گرفتار جوابدارن وٽان 652 پڙيون گٽڪا ماوا پڻ برآمد ڪيو ويو آهي۔ گرفتار جوابدارن خلاف لاڳاپيل ٿاڻن تي گٽڪا ايڪٽ تحت الڳ الڳ مقدما داخل ڪيا ويا آهن۔