اويئر پاران ڪيئر انٽرنيشنل ۽ ايف سي ڊي او جي سھڪار سان عمرڪوٽ يڪجهتي ميلو منعقد

ميلي ۾ مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ اڳواڻن، وڪيلن، استادن، نوجوانن, ڳوٺاڻن ۽ شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي

اويئر پاران ڪيئر انٽرنيشنل ۽ ايف سي ڊي او جي سھڪار سان عمرڪوٽ يڪجهتي ميلو منعقد

عمرڪوٽ (ڪانجي مل رکيسر)عمرڪوٽ ۾ اويئر (AWARE) پاران CARE International ۽ FCDO جي سھڪار سان “عمرڪوٽ يڪجهتي ميلو” وڏي جوش ۽ جذبي سان منعقد ڪيو ويو، جنھن ۾ مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ اڳواڻن، وڪيلن، استادن، نوجوانن, ڳوٺاڻن ۽ شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.،پروگرام جي شروعات تلاوتِ ڪلام پاڪ سان ڪئي وئي، جنهن کان پوءِ صوفي شاعر شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي وائي پيش ڪئي وئي، جڏهن ته قومي ترانو پڻ پيش ڪيو ويو. تقريب دوران ماحول قومي يڪجهتي، ثقافتي رنگن ۽ ڀائيچاري جي جذبن سان ڀرپور نظر آيو، سماجي ڀلائي کاتي جي اڳوڻي ڊائريڪٽر زرفشان ارباب پنهنجي خطاب ۾ چيو ته سماجي ڀلائي جا ادارا ۽ سول سوسائٽي گڏجي ئي هڪ مضبوط ۽ هم آهنگ سماج جوڙڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. هن زور ڀريو ته خاص طور عورتن، ٻارن، اقليتن ۽ ٻين پٺتي پيل طبقاتن جي حقن جي تحفظ لاءِ گڏيل حڪمت عملي ۽ عملي قدم کڻڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، تقريب ۾ نوجوان سماجي اڳواڻ ۽ شاگرد امر سنڌو مري پنهنجي زندگيءَ جي ڪهاڻي پيش ڪندي نوجوانن کي حوصلي، جدوجهد ۽ همت سان اڳتي وڌڻ جو پيغام ڏنو. هن چيو ته مشڪلاتون انسان کي مضبوط بڻائين ٿيون، شرط اهو آهي ته انسان حوصلو نه هاري، تقريب ۾ اڳوڻي اقليتي ايم اين اي ۽ سينيئر سماجي اڳواڻ لال چند مالھي خطاب ڪندي چيو ته،مون کي بيحد خوشي ٿي آهي ته اويئر اهڙي حساس ۽ اهم معاملن تي ڪم ڪري رهي آهي، خاص ڪري صنفي بنيادن تي ٿيندڙ تشدد، ننڍي عمر جي شادين جي روڪٿام ۽ اقليتن جي حقن لاءِ انهن جون ڪوششون قابلِ تحسين آهن، ان کان پوءِ سينيئر سماجي اڳواڻ ۽ وڪيل ميان منير ولھاري پنهنجي خطاب ۾ چيو ته سماج ۾ يڪجهتي پيدا ڪرڻ لاءِ قانون جي حڪمراني لازمي آهي. هن زور ڀريو ته مردن کي گهرجي ته عورتن کي برابري جا حق ڏين ۽ کين گھرن جي فيصلن ۾ شامل ڪن، ڇو ته عورت ۽ مرد هڪ ٻئي جا ساٿي آهن،سماجي اڳواڻ، ليکڪ ۽ شاعر مير حسن آريسر پنهنجي جامع ۽ اثرائتي تقرير ۾ سماجي هم آهنگي جي اهميت کي تمام گهڻي وضاحت سان پيش ڪيو. هن چيو ته سنڌي سماج اندر موجود تنوع اسان جي طاقت آهي، پر جيڪڏهن ان کي سمجهي ۽ سنڀالي نه سگهنداسين ته اهو ڪمزوري به بڻجي سگهي ٿو. هن وڌيڪ وضاحت ڪندي چيو ته سماج جي نفسيات، رواجن ۽ تاريخي پسمنظر کي سمجهڻ کانسواءِ ڪنهن به قسم جي مثبت تبديلي ممڪن ناهي، هن پنهنجي تقرير دوران زور ڀريو ته برداشت، قبوليت ۽ هڪ ٻئي جي عزت ڪرڻ ئي هڪ مضبوط ۽ پرامن سماج جي بنياد آهن. هن چيو ته جيڪڏهن اسان پنهنجي روين ۾ تبديلي آڻيون، نوجوانن کي شعور ڏيون ۽ برابري کي عملي طور اپنائڻ شروع ڪريون ته سماج مان نفرت، تعصب ۽ ناانصافي کي ختم ڪري سگهجي ٿو. سندس تقرير شرڪت ڪندڙن لاءِ هڪ فڪري ۽ عملي رهنمائي جو ذريعو بڻجي، جنهن کي وڏي ڌيان ۽ داد سان ٻڌو ويو، تقريب دوران ثقافتي رنگ پڻ نمايان رهيا، جتي ٿر جي مشهور لوڪ فنڪارہ مائي ڌائي پنهنجي سريلي آواز سان محفل کي جهومائي ڇڏيو ۽ مقامي ثقافت کي خوبصورت انداز ۾ پيش ڪيو. ان کان پوءِ Murk Theatre Group Hyderabad پاران “قيدي خواب” جي عنوان سان هڪ اثرائتو ۽ شعور اجاگر ڪندڙ ڊرامو پيش ڪيو ويو، جنهن شرڪت ڪندڙن کان ڀرپور داد حاصل ڪيو،تقريب جي دوران آيل معزز مهمانن کي سنڌي ثقافت جي علامت اجرڪن جا تحفا پيش ڪيا ويا، جيڪي محبت، عزت ۽ ثقافتي سڃاڻپ جو خوبصورت اظهار هئا. ان موقعي تي مهمانن پاران اويئر جي هن قدم کي ساراهيو ويو ۽ اهڙين سرگرمين کي سماجي يڪجهتي لاءِ انتهائي اهم قرار ڏنو ويو،نوجوان راڳي سڪندر فقير پنهنجي دلڪش آواز ۾ صوفيانه رنگ سان ڀرپور گيت پيش ڪري محفل کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا. سندس فنڪاري نه رڳو شرڪت ڪندڙن کي محظوظ ڪيو پر سڄي تقريب کي هڪ يادگار ۽ روح پرور انجام ڏنو،تقريب جي پڄاڻي تي ڪريم بخش شيخ سڀني آيل مهمانن، ساٿين ۽ شرڪت ڪندڙن جو دل جي گهراين سان شڪريو ادا ڪيو ۽ چيو ته اوهان جي ڀرپور شرڪت ۽ سهڪار هن ميلي کي ڪامياب بڻايو آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته اهڙيون گڏجاڻيون مستقبل ۾ به جاري رهنديون ۽ سماج ۾ مثبت تبديلي آڻڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪنديون.ان موقعي تي اويئر جي “آواز دو” پروجيڪٽ جي مينيجر فرھين مگسي مهمانن کي آجياڻو پيش ڪندي يڪجهتي ميلي جي مقصدن تي روشني وڌي. هن چيو ته اهڙيون سرگرميون سماج ۾ هم آهنگي، برابري، رواداري ۽ امن جي واڌاري لاءِ انتهائي ضروري آهن.,آخر ۾ يڪجهتي، امن، برابري ۽ سماجي هم آهنگي جي پيغام سان تقريب کي پڄاڻي تي پهچايو ويو، جتي شرڪت ڪندڙن عزم ڪيو ته هو پنهنجي پنهنجي سطح تي سماجي ڀائيچاري ۽ گڏيل ترقي لاءِ ڪردار ادا ڪندا.