English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عوامي تحريڪ ضلعي ملير جو اجلاس، 5 اپريل تي گلشن حديد ۾ احتجاجي ريلي جو اعلان
218 views
|
29th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
اجلاس ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار خصوصي شرڪت ڪئي
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) عوامي تحريڪ ضلعي ملير جي ڪائونسل جو اهم اجلاس ضلعي نائب صدر علي محمد ڪلمتي جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو، جنهن ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار خصوصي شرڪت ڪئي۔ اجلاس ۾ 7 جون تي جنگشاھي ۾ عوامي تحريڪ جي قائد رسول بخش پليجو جي اٺين ورسي ۾ ڀرپور شرڪت لاءِ رٿابندي ڪئي وئي. ان موقعي تي فيصلو ڪيو ويو ته 5 اپريل تي گلشن حديد ۾ ايران مٿان آمريڪا ۽ اسرائيل جي مڙهيل جنگ، تيل جي وڌندڙ قيمتن ۽ مهانگائي خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي ويندي۔اجلاس کي خطاب ڪندي نور احمد ڪاتيار چيو ته ڪراچي کي هڪ ڀيرو ٻيهر دهشتگردي جي خطري ڏانهن ڌڪيو پيو وڃي، جڏهن ته سنڌ کي ورهائڻ لاءِ مهم هلائي پئي وڃي. هن الزام لڳايو ته ڪوڙين ۽ بوگس چونڊن ذريعي هڪ پاسي ايم ڪيو ايم ۽ ٻي پاسي پيپلز پارٽي جي وڏيرن ۽ بااثر ماڻهن کي مڙهيو ويو آهي۔ هن چيو ته تعليم، صحت، زراعت ۽ آبپاشي سميت سمورن شعبن کي تباهه ڪيو ويو آهي ۽ سرڪاري ادارن ۾ ڪرپشن عروج تي پهچي چڪي آهي. هن وڌيڪ چيو ته جمهوريت جا دعويدار پاڪستان پيپلز پارٽي، پاڪستان مسلم ليگ (ن) ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف آمريڪا ۽ اسرائيل طرفان ايران مٿان مڙهيل جنگ ۽ فلسطين، غزه، لبنان ۽ شام ۾ معصوم شهرين جي قتل جي مذمت ڪرڻ لاءِ تيار ناهن۔ نور احمد ڪاتيار چيو ته آمريڪا سميت دنيا ۾ جمهوريت جون دعوائون ڪندڙ قوتون بي نقاب ٿي چڪيون آهن. هن چيو ته ايران جي عوام پنهنجي ڌرتي جي دفاع لاءِ جيڪي قربانيون ڏنيون آهن، انهن کي سلام پيش ڪريون ٿا. سندس چوڻ هو ته آمريڪا پنهنجي مفادن لاءِ دنيا ۾ خونريزي ڪري عالمي انساني حقن کي لتاڙي ڇڏيو آهي، جڏهن ته دنيا جو پرامن عوام آمريڪي سامراج ۽ ان جي حمايتي حڪمرانن جي پاليسين کي قبول نه ڪندو۔اجلاس ۾ ضلعي ملير جي سيڪريٽري ايڊووڪيٽ خالد تنيو، ايڊووڪيٽ عبدالله ٻپڙ، عزيز لانگاهه، عباس ملاڻو، نوروز ڪلمتي، ماجد جروار، جبار پليجو، آصف نوحاڻي سميت ٻين اڳواڻن ۽ ڪارڪنن شرڪت ڪئي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
عوامي تحريڪ ضلعي ملير جو اجلاس، 5 اپريل
0 تبصرے