ٺٽو ۾ نياڻي جي مبينا اغوا خلاف پورهيت جو گهرڀاتين سميت احتجاج

ڌيءَ شهناز کي زميندار حاجي منٺار لغاري پنهنجي هاري ڪانڊيرو ملاح معرفت اغوا ڪرايو آهي: الهبچايو ملاح

ٺٽو ۾ نياڻي جي مبينا اغوا خلاف پورهيت جو گهرڀاتين سميت احتجاج

ٺٽو( محمد شفيق ڀٽي)ٺٽو مٽڪا لڳ ڳوٺ خيرو ميربحر جي رهواسي پورهيت الهبچايو ملاح پنهنجي زال مسمات سمي ملاح سميت عوامي پريس ڪلب ٺٽو پهچي دانهندي الزام هنيو آهي ته سندن نوجوان نياڻي شهناز ملاح کي سجاول جي هڪ بااثر زميندار حاجي منٺار لغاري پنهنجي هاري ڪانڊيرو پٽ علي ملاح معرفت مبينا طور اغوا ڪري باندي بڻائي رکيو آهي.متاثر والدين الزام لڳائيندي چيو ته سندن نياڻي کي زبردستي يرغمال بڻايو ويو آهي، جنهن سبب هو سخت ذهني پريشاني ۾ مبتلا آهن. هنن چيو ته بااثر ماڻهن جي مداخلت سبب هن وقت تائين سندن نياڻي بازياب نه ٿي سگهي آهي.الهبچايو ملاح ۽ مسمات سمي ملاح ايس ايس پي سجاول ۽ ايس ايس پي ٺٽو کان مطالبو ڪيو آهي ته سندن نياڻي شهناز ملاح کي فوري طور بازياب ڪرائي والدين حوالي ڪيو وڃي. هنن مطالبو ڪيو ته واقعي ۾ ملوث جوابدار ڪانڊيرو پٽ علي ملاح ۽ زميندار حاجي منٺار لغاري خلاف اغوا جو ڪيس داخل ڪري قانون موجب سخت ڪارروائي ڪري کين انصاف فراهم ڪيو وڃي.