ٺٽي ۾ رهواسين جو سئوٽن خلاف احتجاجي مظاهرو

سيد نياز شاهه بخاري ۽ سيد غلام مصطفيٰ بخاري احتجاج ڪيو

ٺٽي ۾ رهواسين جو سئوٽن خلاف احتجاجي مظاهرو

ٺٽو( ڊر)ٺٽو شهر سوناره گلي جي رهائشي سيد نياز حسين شاه بخاري سيد غلام مصطفا شاه بخاري ٻين ٺٽي ۾ صحافين آڏو دانهيندي چيو آهي ته سندن سئوٽ زاهد شاه ۽ سندس ڀائر کين سخت پريشان ڪري رهيا آهن جيڪي هنن کي سندن گهر جي تعيراتي ڪم تان حراسان ڪري رهيا هنن جي گيس لائين به لڳل آهي جيڪا مذڪوره ماڻهون هلڻ نٿا ڏين هنن جو چوڻ هو ته اسان هتي جي معزز معتبر ماڻهن کي دانهون ڏنيون آهن جن به هنن کي سمجهايو آهي پر پو۽ ساڳي ماڻهون هنن کي حراسان ڪن ٿا هنن چيو ته سندن گهر جي ديوار ڪمزور بڻيل آهي جنهن جي تعمير ڪرائڻ گهرن ٿا پر هنن کي ڪم نٿو ڪرڻ ڏنو وڃي هنن چيو ته اسان ٺٽي جي چونڊيل ايم پي اي صوبائي وزير سيد رياض حسين شاه شيرازي سميت ٻين شهر جي ماڻهن کي پڻ دانهون ڏنيون آهن پر هو ڪنهن به ماڻهون کي عزت نٿا ڏين متاثره ماڻهن ايس ايس پي ٺٽو کان فوري نوٽيس وٺي انصاف تحفظ فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي