English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪنري ۾ فٽبال چيمپئن ليگ سيزن 2 نائيٽ ايڊيشن جي آڪشن سرمني جي تقريب
88 views
|
30th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
تقريب جو مهمان خاص چيئرمين ڪنري سٽي حاجي شڪيل احمد باجوه هو
عمرڪوٽ(اسپورٽس نيوز ڪانجي مل رکيسر) ڪنري جي آڊيٽوريم هال ۾ فٽبال چيمپئن ليگ سيزن 2 نائيٽ ايڊيشن جي آڪشن سرمني جي پروقار ۽ رنگا رنگ تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن جو مهمان خاص چيئرمين ڪنري سٽي حاجي شڪيل احمد باجوه هو. جنهن ۾ سياسي ۽ سماجي اڳواڻ علي حسن لاشاري، چيئرمين يوسي ٿر نبي سر امير حسن خاصخيلي، وائس چيئرمين يونين ڪائونسل بوسٽان حاجي ضياءُ الرحمان ڀٽي ۽ ٽورنامينٽ جي سرپرست اعليٰ آصف چوڙا آرائين سميت رانديگرن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي۔ان موقعي تي چيئرمين ڪنري سٽي حاجي شڪيل احمد باجوه ٽرافي جي رونمائي ڪئي. ٽورنامينٽ آرگنائيزرن عابد انور، احمد خان پٺاڻ، انعام الحق، رحمان پٺاڻ ۽ مشتاق ڀٽي طرفان مهمانِ خاص ۽ ٻين معزز مهمانن کي شيلڊون ۽ سنڌ جي ثقافت جي علامت اجرڪ جا تحفا پيش ڪيا ويا. تقريب کي خطاب ڪندي چيئرمين ڪنري سٽي حاجي شڪيل احمد باجوه چيو ته هڪ طرف جتي سماجي برائيون عام ٿي ويون آهن، اتي نوجوانن جو راندين جي سرگرمين ڏانهن راغب ٿيڻ هڪ ساراهه جوڳو عمل آهي۔ هن چيو ته راندين جا ميدان آباد ٿيڻ سان سماجي برائين ۾ گهٽتائي ايندي ۽ نوجوان نسل صحتمند سرگرمين ڏانهن مائل ٿيندو۔ هن وڌيڪ چيو ته اهڙن ايونٽن ڪرائڻ جو مقصد نوجوانن جي صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ آهي. هن ٻڌايو ته ٽورنامينٽ ۾ 8 ٽيمون حصو وٺنديون، جڏهن ته ان لاءِ 96 رانديگر چونڊيا ويا آهن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
12th Mar 2026
•
تازہ ترین
پاکستان پیپلزپارٹی کے چیئرمین بلاول بھٹو زرداری کی نہال ہاشمی کو سندھ کا گورنر بننے پر مبارک باد
12th Mar 2026
•
تازہ ترین
صدرِ مملکت آصف علی زرداری کی نہال ہاشمی کو گورنر سندھ تعینات کرنے کی منظوری
12th Mar 2026
•
تازہ ترین
علاقائی کشیدگی: عوام کے لیے بری خبر، پٹرولیم وزیر نے خطرے کی گھنٹی بجا دی
12th Mar 2026
•
تازہ ترین
اہم سیاسی شخصیات اور اعلیٰ عہدہ داروں کے قریبی افراد کاروبار نہیں کر سکیں گے، ریگولیشنز تیار
12th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽو: مڪلي باءِ پاس موڙ وٽ ڊمپر جهوپڙي مٿان چڙهي ويو،ماءُ ڌيءَ ۽ پٽ سميت فوت
12th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ميرواھ گورچاڻي ڀرسان مسافر ڪوچ جو 2موٽرسائيڪلن کي ٽڪر، پيءُ ڌيءَ سميت 4 ڄڻا فوت
12th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: هاشم خاصخيلي ڳوٺ جي سيوريج لائين ۾ غيرقانوني ڪنيڪشن لڳائڻ خلاف احتجاج
12th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
شاهه لطيف ٽائون واسڻ عورت جو ٿاڻي اڳيان احتجاج جو نوٽيس, ايس ايس پي انويسٽيگيشن اڻ ڌري جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڪنري ۾ فٽبال چيمپئن ليگ سيزن 2 نائيٽ ايڊيش
0 تبصرے