رزاق آباد سميت 6 ڳوٺن کي ڳنڍيندڙ رستي تي وڏين مال بردار گاڏين جو آزار

رزاق آباد ۾ واحد رستو ڪيترن ئي ڳوٺن کي پاڻ ۾ ڳنڍيندڙ آهي: سماجي اڳواڻ هارون شاهه

رزاق آباد سميت 6 ڳوٺن کي ڳنڍيندڙ رستي تي وڏين مال بردار گاڏين جو آزار

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير جي رزاق آباد سميت موسيٰ ڳوٺ، لاشاري ڳوٺ، پير سرهندي ،ڄام ڪنڊو، شيدي ڳوٺ سميت ڪيترن ئي ڳوٺن کي پاڻ ۾ ڳنڍيندڙ رستي تي وڏين مالبردار گاڏين جو آزار وڌي ويو آهي ڄاڻايل گاڏين ڪري ڳوٺاڻا شديد ذهني اذيت جو شڪار آهن ان سلسلي ۾ سماجي اڳواڻ هارون شاھ، اقبال ڪلمتي، ڪامريڊ وهاب گبول، شڪيل ڪلمتي سميت ٻين چيو آهي ته رزاق آباد ۾ واحد رستو ڪيترن ئي ڳوٺن کي پاڻ ۾ ڳنڍيندڙ آهي جنهن تي انتظاميا ڳري رشوت عيوض روزاني جي بنياد تي وڏيون مالبردار گاڏيون روانيون ڪري رهي آهي جنهن سان ڪيتريون ئي انساني حياتيون ضايع ٿيون آهن هنن چيو ته رزاق آباد جي مک چوڪ تي هڪ ته ريڙهي وارن قبضا ڪري روڊ کي تنگ ڪري ڇڏيو آهي ٻيو وري وڏين گاڏين جي اچ وڃ ڪري رستو جام رهي ٿو جنهن ڪري ڳوٺاڻن جي زندگي مفلوج بڻجي وئي آهي هنن الزام هنيو ته ٽريفڪ عملدار ڳري رشوت عيوض وڏيون گاڏيون ڳوٺن جي رستي ڏانهن روانيون ڪن ٿا جيڪو غير قانوني عمل آهي هنن ڊي سي ملير، ايس ايس پي ٽريفڪ ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن کان مطالبو ڪيو ته فوري طور تي ڳوٺن جي رستي تان وڏي گاڏين جو گذر بند ڪيو وڃي نه ته ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.