عمرڪوٽ حاجي علي مردان شاهه جي ياد ۾ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جون تياريون

رحيمداڻي ڪرڪيٽ اڪيڊميءَ جي اهتمام هيٺ ميونسپل ڪميٽي هال ۾ اهم تياري گڏجاڻي

عمرڪوٽ حاجي علي مردان شاهه جي ياد ۾ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جون تياريون

عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر)عمرڪوٽ ۾ ٻيو آل سنڌ ڊسٽرڪٽ عمرڪوٽ مرحوم حاجي علي مردان شاهه ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ٽن ڏينهن اندر شروع ٿيڻ وارو آهي، جنهن سلسلي ۾ رحيمداڻي ڪرڪيٽ اڪيڊميءَ جي اهتمام هيٺ ميونسپل ڪميٽي هال عمرڪوٽ ۾ هڪ اهم تياري گڏجاڻي منعقد ڪئي وئي، گڏجاڻيءَ جي صدارت رحيمداڻي ڪرڪيٽ اڪيڊميءَ جي صدر رسول بخش رحيمداڻي ڪئي، جڏهن ته چيف آرگنائيزر اسپورٽس مين اسد علي ڀرڳڙي، آرگنائيزر جبران علي ۽ آرگنائيزر و پريس ترجمان رحيمداڻي ڪرڪيٽ اڪيڊميءَ سجاد علي شيخ پڻ موجود هئا، گڏجاڻيءَ ۾ رحيمداڻي ڪرڪيٽ اڪيڊمي عمرڪوٽ، مري اليون ڪرڪيٽ ڪلب عمرڪوٽ، حر شاهين ڪرڪيٽ ڪلب عمرڪوٽ، سرداراڻي ڪرڪيٽ ڪلب عمرڪوٽ، روڪ اسٽار ڪرڪيٽ ڪلب عمرڪوٽ، هوپ فار ڊزرٽ ڪرڪيٽ ڪلب عمرڪوٽ، شاهين ڇور ڪرڪيٽ ڪلب ڇور، الفرينڊ ڪرڪيٽ ڪلب عمرڪوٽ، تاج اڪيڊمي عمرڪوٽ، يوڪي ٽائيگر ڪرڪيٽ ڪلب عمرڪوٽ، ڀٽائيءَ اليون ڪلب جيمس آباد جناح اسپورٽس ڪرڪيٽ ڪلب ڪنري ۽ جوسباباد ڪرڪيٽ ڪلب ڪنري جي ڪپتانن ۽ آفيشيئلز شرڪت ڪئي، گڏجاڻي دوران ٽورنامينٽ جي شيڊيول، ميچن جي قاعدن، امپائرنگ، ڊسپلن، سيڪيورٽي ۽ انتظامي معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، آرگنائيزرن واضح ڪيو ته ٽورنامينٽ ۾ ٻاهرين ضلعن جا رانديگر شامل نه هوندا ۽ صرف مقامي ضلع عمرڪوٽ سان لاڳاپيل رانديگرن کي کيڏڻ جي اجازت هوندي، اسپانسر رحيمداڻي ڪرڪيٽ اڪيڊميءَ طرفان اعلان ڪيو ويو ته ٽورنامينٽ جي ونر ۽ رنر اپ ٽيمن کي نقد انعامات ڏنا ويندا، جڏهن ته مين آف دي ميچ، مين آف دي سيريز، بهترين بالر، بهترين بيٽسمين ۽ ٻين نمايان رانديگرن کي پڻ انعامن سان نوازيو ويندو، آرگنائيزرن ٻڌايو ته ٽورنامينٽ دوران چونڊيل نمائندا، ضلعي انتظاميه، استاد، پروفيسر، معزز شهري ۽ راندين سان لاڳاپيل شخصيتون به شرڪت ڪنديون، جنهن سان نوجوانن ۾ راندين جو شوق وڌندو ۽ صحتمند سرگرمين کي هٿي ملندي، آخر ۾ صدر رسول بخش رحيمداڻي ۽ چيف آرگنائيزر اسد علي ڀرڳڙي اميد ظاهر ڪئي ته مرحوم حاجي علي مردان شاهه جي نالي سان منسوب هي ٽورنامينٽ امن، ڀائيچاري ۽ اسپورٽس مين اسپرٽ جو سٺو مثال ثابت ٿيندو.