English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ابراهيم حيدري جي ايم ايم ڪالوني ۾ پورهيت جي گهر تي مبينا حملو
3 views
|
25th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
پورهيت رفيق بنگالي ۽ سندس نياڻي رشيده پاران مبينا حملي خلاف احتجاج
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)ابراهيم حيدري جي جي ايم ايم ڪالوني واري علائقي ۾ بااثر ماڻهن پاران پورهيت رفيق بنگالي جي گهر تي مبينا طور حملو ڪري زبردستي گهر خالي ڪرائڻ جي ڪوشش جو واقعو سامهون آيو آهي واقعي خلاف پورهيت رفيق بنگالي ۽ سندس نياڻي رشيده سخت احتجاج ڪندي صحافين کي ٻڌايو ته هنن سال 2019ع ۾ ڄاڻايل گهر شمشو بنگالي کان خريد ڪيو هو، جنهن جا سمورا قانوني دستاويز موجود آهن. هنن چيو ته تازو جڏهن پنهنجي گهر تي تعميراتي ڪم شروع ڪيو ته بااثر شخص عارف مبينا طور رات دير سان لڳ ڀڳ 12 ماڻهن سان گڏ سندن گهر تي حملو ڪيو، گهر ڀاتين کي تشدد جو نشانو بڻايو ۽ زبردستي گهر خالي ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي رفيق بنگالي موجب واقعي دوران هنن فوري طور 15 تي ڪال ڪري پوليس کان مدد گهري، جنهن کانپوءِ حملو ڪندڙ گهر جو ڪجهه سامان کڻي ڌمڪيون ڏيندا فرار ٿي ويا متاثر خاندان جو چوڻ آهي ته ابراهيم حيدري پوليس واقعي جو ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪيو، جنهن سبب هو مجبور ٿي واقعي خلاف ملير ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائي چڪا آهن. هنن الزام هنيو آهي ته حملا آورن کي بااثر سياسي ماڻهن جي پٺڀرائي حاصل آهي ۽ کين خدشو آهي ته هو ڪنهن به وقت ٻيهر حملو ڪري جاني ۽ مالي نقصان پهچائي سگهن ٿا رفيق بنگالي ۽ سندس گهر ڀاتين وزيراعليٰ سنڌ، آءِ جي سنڌ، ايس ايس پي ملير ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو آهي ته زبردستي قبضي جي ڪوشش ۾ ملوث عارف ۽ سندس ساٿين خلاف فوري قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ متاثر خاندان کي مڪمل تحفظ فراهم ڪيو وڃي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
25th Jan 2026
•
سندھ
قاضی احمد کے نزدیک پسند کی شادی کرنے والی نوجوان خاتون قتل
25th Jan 2026
•
سندھ
عمرکوٹ میں آٹے کی قیمتوں میں اضافہ پر صوبائی وزیر سردار شاہ نے نوٹس لیا
25th Jan 2026
•
سندھ
ملیر: قائدآباد میں شادی کی تقریب کے دوران فائرنگ، ایک شخص قتل، دوسرا زخمی، ملزم گرفتار
25th Jan 2026
•
سندھ
عمرکوٹ: حاجی علی مردان شاہ کی یاد میں کرکٹ ٹورنامنٹ کی تیاریوں کا آغاز
25th Jan 2026
•
سندھ
قاضی احمد کے نزدیک پسند کی شادی کرنے والی نوجوان خاتون قتل
25th Jan 2026
•
سندھ
عمرکوٹ میں آٹے کی قیمتوں میں اضافہ پر صوبائی وزیر سردار شاہ نے نوٹس لیا
25th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ اٽي جي اگهن ۾ واڌ جو صوبائي وزير سردار شاهه نوٽيس ورتو
25th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ جي گججي ڳوٺ ۾ هيلٿ، هائيجين ۽ صفائي آگاهي مهم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ابراهيم حيدري جي ايم ايم ڪالوني
0 تبصرے