English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ابراهيم حيدري جي ايم ايم ڪالوني ۾ پورهيت جي گهر تي مبينا حملو
76 views
|
25th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
پورهيت رفيق بنگالي ۽ سندس نياڻي رشيده پاران مبينا حملي خلاف احتجاج
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)ابراهيم حيدري جي جي ايم ايم ڪالوني واري علائقي ۾ بااثر ماڻهن پاران پورهيت رفيق بنگالي جي گهر تي مبينا طور حملو ڪري زبردستي گهر خالي ڪرائڻ جي ڪوشش جو واقعو سامهون آيو آهي واقعي خلاف پورهيت رفيق بنگالي ۽ سندس نياڻي رشيده سخت احتجاج ڪندي صحافين کي ٻڌايو ته هنن سال 2019ع ۾ ڄاڻايل گهر شمشو بنگالي کان خريد ڪيو هو، جنهن جا سمورا قانوني دستاويز موجود آهن. هنن چيو ته تازو جڏهن پنهنجي گهر تي تعميراتي ڪم شروع ڪيو ته بااثر شخص عارف مبينا طور رات دير سان لڳ ڀڳ 12 ماڻهن سان گڏ سندن گهر تي حملو ڪيو، گهر ڀاتين کي تشدد جو نشانو بڻايو ۽ زبردستي گهر خالي ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي رفيق بنگالي موجب واقعي دوران هنن فوري طور 15 تي ڪال ڪري پوليس کان مدد گهري، جنهن کانپوءِ حملو ڪندڙ گهر جو ڪجهه سامان کڻي ڌمڪيون ڏيندا فرار ٿي ويا متاثر خاندان جو چوڻ آهي ته ابراهيم حيدري پوليس واقعي جو ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪيو، جنهن سبب هو مجبور ٿي واقعي خلاف ملير ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائي چڪا آهن. هنن الزام هنيو آهي ته حملا آورن کي بااثر سياسي ماڻهن جي پٺڀرائي حاصل آهي ۽ کين خدشو آهي ته هو ڪنهن به وقت ٻيهر حملو ڪري جاني ۽ مالي نقصان پهچائي سگهن ٿا رفيق بنگالي ۽ سندس گهر ڀاتين وزيراعليٰ سنڌ، آءِ جي سنڌ، ايس ايس پي ملير ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو آهي ته زبردستي قبضي جي ڪوشش ۾ ملوث عارف ۽ سندس ساٿين خلاف فوري قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ متاثر خاندان کي مڪمل تحفظ فراهم ڪيو وڃي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
12th Mar 2026
•
تازہ ترین
پاکستان پیپلزپارٹی کے چیئرمین بلاول بھٹو زرداری کی نہال ہاشمی کو سندھ کا گورنر بننے پر مبارک باد
12th Mar 2026
•
تازہ ترین
صدرِ مملکت آصف علی زرداری کی نہال ہاشمی کو گورنر سندھ تعینات کرنے کی منظوری
12th Mar 2026
•
تازہ ترین
علاقائی کشیدگی: عوام کے لیے بری خبر، پٹرولیم وزیر نے خطرے کی گھنٹی بجا دی
12th Mar 2026
•
تازہ ترین
اہم سیاسی شخصیات اور اعلیٰ عہدہ داروں کے قریبی افراد کاروبار نہیں کر سکیں گے، ریگولیشنز تیار
12th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽو: مڪلي باءِ پاس موڙ وٽ ڊمپر جهوپڙي مٿان چڙهي ويو،ماءُ ڌيءَ ۽ پٽ سميت فوت
12th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ميرواھ گورچاڻي ڀرسان مسافر ڪوچ جو 2موٽرسائيڪلن کي ٽڪر، پيءُ ڌيءَ سميت 4 ڄڻا فوت
12th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: هاشم خاصخيلي ڳوٺ جي سيوريج لائين ۾ غيرقانوني ڪنيڪشن لڳائڻ خلاف احتجاج
12th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
شاهه لطيف ٽائون واسڻ عورت جو ٿاڻي اڳيان احتجاج جو نوٽيس, ايس ايس پي انويسٽيگيشن اڻ ڌري جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ابراهيم حيدري جي ايم ايم ڪالوني
0 تبصرے