ھڱورجا(رپورٽر)گورنمينٽ ايليمينٽري اسڪول ميمڻ محلا ۾ آء بي اي نوان ڀرتي ٿيل استادن جي مان ۾ آجياڻو ڏنو ويو جنھن ۾ ٽي اي او فيميل بختيار حسين چنا. پ ٽ الف ڀٽائي پينل جي صدارتي اميدوار استاد ارشد علي ملاح. ھيڊ ماستر استاد سڪندر ميمڻ. استاد رضا محمد ڀٽو. محمد شريف سھتو. استاد قاسم ميمڻ.استاد حسين بخش چانگ.استاد عبدالرزاق سھتو.استاد عاصم ٽانوري ۽ ٻين استادن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي جڏھن تہ صحافي اتحاد خيرپور جي اڳواڻ ۽ ھنڱورجا جي سينيئر صحافي عبدالجبار چانگ بہ تقريب ۾ شرڪت ڪئي ۽ تقريب کي مقررين خطاب ڪندي چيو آهي ته تعليم جي ترقي ۽ واڌاري لاء اسان سڀني پنھنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو . ملڪ ۽ قوم جي جي ترقي تعليم جي ترقي سان ئي ممڪن ٿي سگھي ٿي تقريب ۾ آيل مھمانن کي سنڌ جي سوکڙي اجرڪن جا تحفا ۽ مالھا جا ھار پيش ڪيا ويا.
0 تبصرے