عمرڪوٽ جو بس اسٽاپ زندگي ساڻ کڻي ويو

سجاد علي شيخ

عمرڪوٽ جو بس اسٽاپ زندگي ساڻ کڻي ويو

عمرڪوٽ، جيڪو هميشه پنهنجي رونق، بازارن جي هميشه هلچل، شاگردن جي ڀاڳ ۽ روزگار جي سلسلي سان زنده رهندو هو، هاڻي اهڙي صورتحال جو شڪار ٿيو آهي جو پڙهندڙ جو دل به ڏک سان ڀرجي وڃي، شھر جو مک روحل بس اسٽاپ، جيڪو شهر جو دل ۽ روح هو راتو رات اهڙي جادوئي طور تي شھر کان ٻاهر هڪ پرائيويٽ جاءِ تي شفٽ ڪيو ويو، ڄڻ ڪنهن جادوگر جي ڇڙي تي شھر جي زندگي جا رنگ ئي اڏامي ويا هجن، صبح جو جڏهن ٻهراڙيءَ جي شاگردن/شاگردياڻين جا ننڍڙا پير اسڪول ۽ ڪاليج ڏانهن ڊوڙندا هئا، هاڻي انهن کي ٻه يا ٽي ڪلوميٽر پيدل سفر ڪرڻو پوي ٿو، اهي ننڍڙا ساڃاهه وارا جسم، جيڪي فقط 50 رپيا جيب خرچ بہ نٿا کڻي اچي سگهن، رڪشن جو اضافي ڪرايو ڪيئن ڀرين؟ والدين جا دماغ تڪليف ۽ مايوسيءَ ۾ ڀريل آهن، ۽ شاگرد / شاگردياڻيون شايد ئي صبح جو ڪلاس وقت تي پهچي سگهن، ساڳئي طرح ٻهراڙيءَ کان شھر طرف ايندڙ عورتن لاءِ صورتحال حقيقي عذاب بڻجي وئي آهي، ڳوٺن کان بازار، اسپتال يا اسڪول تائين پهچڻ لاءِ انهن کي اضافي سفر، اضافي خرچ ۽ اضافي پريشاني برداشت ڪرڻي پوي ٿي، روزگار ڪندڙ ماڻهون جيڪي صبح سوير شھر ۾ پنهنجو ڪم شروع ڪندا هئا، هاڻي مجبور آهن ته شھر کان ٻاهر اچي سوين رپيا اضافي ڀري ڪم تي پهچن، شھر جون مارڪيٽون، جيڪي ڪروڙين رپين جي آمدني جو ذريعو هيون، ويران ٿي ويون آهن، ريڙهي وارا ۽ دڪاندار سڀ مايوسيءَ جي گهرين سوچن ۾ ڦاسي پيا آهن، انهن جو روزگار روحل بس اسٽاپ سان جڙيل هو تنھنڪري بازارن مان زندگيءَ جي ڌڙڪن ڄڻ نڪري وئي آهي، روحل بس اسٽاپ صرف گاڏين جو اڏو نه هو، پر عمرڪوٽ جي معاشي ۽ سماجي زندگيءَ جو مرڪز هو، هتي نسلن جا روزگار جڙيل هئا، شاگردن جا خواب، پورهيتن جي صبح ۽ واپارين جون اميدون وابسته هيون، اڄ جتي ڪالهه رونق هئي، اتي خاموشي ماتم ڪري رهي آهي، بس اسٽاپ کي شهر کان ٻاهر ڪڍڻ لاءِ سڀ کان وڏو جواز “ٽريفڪ” ڏنو وڃي ٿو، پر سوال اهو آهي ته عمرڪوٽ ۾ ڪڏهن ڪا ايمبولينس ٽريفڪ سبب بيهي رهي؟ شهرين جو چوڻ آهي ته روڊ بلاڪ، ڌرڻن ۽ احتجاجن دوران به ايمبولينس کي فوري رستو ڏنو ويندو آهي، جيڪڏهن احتجاج ۾ رستو ملي سگهي ٿو ته روزاني رش ۾ ڇو نه؟ شهرين اهو سوال به اٿاريو آهي ته بس اسٽاپ کي جنهن پرائيويٽ جاءِ تي منتقل ڪيو ويو آهي، اها واقعي عوامي سهولت لاءِ آهي يا ڪنهن خاص مفاد لاءِ؟ نئين جڳهه جي چوڌاري ڪاروباري سرگرميون تيزيءَ سان وڌي رهيون آهن، جيڪي ڪيترن ئي سوالن کي جنم ڏين ٿيون، ڇا هي ترقي آهي يا مخصوص ماڻهن لاءِ سرمايو وڌائڻ جو منصوبو؟ جيڪڏهن ترقي جو مطلب عوام کي تڪليف ڏيڻ آهي ته پوءِ اهڙي ترقي تي نظرثاني ضروري آهي، اهو سڀ ڪجهه صرف بس اسٽاپ جي شفٽ سبب ناهي ٿيو، سياسي مداخلت، بااثر ماڻهن جو اثر رسوخ ۽ اختيار وارن جي غلط فيصلن شھر کي ويراني ڏانهن ڌڪي ڇڏيو، اھا سياسي مداخلت صرف انھيءَ حد تائين نه پر عمرڪوٽ ۾ غيرقانوني ڪاروبار، خاص ڪري منشيات جو ڪاروبار، ڪنهن راز کان گهٽ ناهي رهيو، هتي منشيات کپائڻ لاءِ نه ڪنهن قانوني لائسنس جي ضرورت آهي، نه ئي ڪنهن سرڪاري اجازت نامي جي، پر شرط فقط ايترو آهي ته اقتدار ۾ ويٺل بااثر سياسي در جي حاضري ڀري وڃي، پوليس، ايڪسائيز ۽ لاڳاپيل ادارا قانون جا محافظ گهٽ، پر خاموش تماشائي "جي سائين جي سائين'' ڪرڻ وارا وڌيڪَ نظر اچن ٿا، ذريعن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ڪنهن کي غيرقانوني ڪاروبار هلائڻو آهي ته پهرين سياسي اڳواڻن جي خاص ماڻهن سان “چانهه پاڻي” جو سؤدو ڪرڻو پوي ٿو، جنهن کان پوءِ قانون پاڻ ئي اکيون بند ڪري ويهي رهي ٿو، اهڙي ماحول ۾ ايماندار شهري پاڻ کي اڪيلو، بي وس ۽ غيرمحفوظ محسوس ڪن ٿا، عمرڪوٽ ۾ سڀ کان خطرناڪ شيءِ منشيات يا ڪرپشن ناهي، پر خوف آهي، اهڙو خوف، جيڪو ماڻهن کي ڳالهائڻ کان اڳ ئي چپ ڪرائي ڇڏي ٿو، شهرين جو چوڻ آهي ته جيڪو سوال ڪري ٿو، ان تي ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو وڃي ٿو، جيڪو لکي ٿو، ان کي ڌمڪيون ملن ٿيون، ۽ جيڪو آواز اٿاري ٿو، اهو يا ته عدالتن جا چڪر ڪاٽي ٿو يا پوليس ٿاڻن جا، هتي خاموشي رضامندي ناهي، پر اهڙي مجبوري آهي، جيڪا انسان کي اندر کان ٽوڙي ڇڏي ٿي، ماڻهون ڏسن ٿا، سمجهن ٿا، پر ڳالهائي نٿا سگهن، انھيءَ ڪري چند ٽرانسپورٽر مجبور آهن، ڪجهه مارڪيٽ وارا سياسي طاقتور ماڻهن جي خوف سبب گڏ بيٺل آهن، ۽ قانون جي قلم هر جاءِ تي بي جان لڳي پئي، شھر جي اندر ٺهيل سبزي منڊي، سول اسپتال ۽ ٻڪرا پڙيءَ کي اڳ ۾ ئي سياسي مداخلت ۽ جھيڙي سبب شھر کان ٻاهر ڪڍيو ويو، جنهن سبب علائقي واسين کي سخت مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن، شاگردن / شاگردياڻين، ڪم ڪندڙ ماڻهن، عورتن ۽ ٻارن جي روزاني زندگي بس هڪ وڏو امتحان بڻجي وئي آهي، شھرين پنھنجيون تجويزون پيش ڪندي چيو ته روحل بس اسٽاپ شهر ۾ ئي بحال ڪيو وڃي، ريڙهي وارن لاءِ روحل بس اسٽاپ تي ئي موجود وڏو گرائونڊ آھي اتي ريڙھن وارن لاءِ منظم مارڪيٽ قائم ڪئي وڃي ۽ انھن جي شھر جي مک روڊن تي بيهڻ ۽ ھلڻ تي پابندي عائد ڪئي وڃي، رڪشا ڊرائيورن لاءِ الڳ اسٽاپ مقرر ڪيو وڃي، غيرضروري پارڪنگ تي سخت پابندي لڳائي وڃي تہ شھر جي 90 سيڪڙو ٽريفڪ ختم ٿي ويندي شھر جا روڊ رستا ويڪرا ۽ صاف نظر ايندا پر بجاءِ ان جي سياسي مداخلت سبب شھر کي ويران ڪيو پيو وڃي، شھر جي زندگي جو مرڪز صرف بس اسٽاپ ناهي، پر هر رستو، هر بازار ۽ هر ڪاروبار جو حق آهي، جيڪڏهن شھر جو رش، ڪاروبار ۽ روزگار ختم ٿيندو، ته عمرڪوٽ صرف هڪ خالي جڳهه بڻجي ويندو، جتي صرف وقت جي ٿڌي هوا هلندي رهندي، عمرڪوٽ جي شھرين جي زندگي بس اسٽاپ سان جڙيل آهي، ۽ جيڪڏهن ان کي نظرانداز ڪيو ويو ته شھر مڪمل طور تي ويران ٿي سگهي ٿو، هر شاگرد، والدين، ڪاروبار ڪندڙ ۽ عورتن جي راءِ کي نظر ۾ رکندي فيصلو ڪرڻ ضروري آهي، عمرڪوٽ جي ترقي ۽ رونق صرف سياسي اقتدار يا بااثر ماڻهن جي هٿ ۾ نه، پر شھرين جي سهڪار ۽ قانوني انتظام ۾ آهي، ڇو جو عمرڪوٽ رڳو رستا، دڪان ۽ بس اسٽاپ نه آهي، عمرڪوٽ ماڻهن جي ساهن سان زنده آهي، جڏهن ماڻهن کان روزگار، شاگردن کان وقت ۽ عورتن کان آساني کسجي وڃي ٿي ته شهر قبرستان بڻجي وڃن ٿا، جيڪڏهن اڄ به عقل، انصاف ۽ شهري راءِ کي نظرانداز ڪيو ويو ته ايندڙ نسل صرف اهو پڇندي ته هي شهر ڪڏهن زنده هو؟ سوال اهو آهي ته ڇا عمرڪوٽ جا شهري به هن شهر جا مالڪ آهن يا رڳو تماشائي؟ ڇا شاگردن جو پيدل سفر به ترقي سڏبو؟ ڇا عورتن جي تڪليف، پورهيتن جي بي وسي ۽ واپارين جي بربادي رڳو انگ اکر آهن؟ جيڪڏهن شهر مان رش ڪڍبي ته شهر به ڪڍبو، ۽ جيڪڏهن اڄ آواز نه اٿاريو ويو ته سڀاڻي عمرڪوٽ جي تاريخ صرف تصويرن ۾ رهجي ويندي، جتي ماڻهون نه، پر خاموشيون ڳالهائينديون، هاڻي فيصلو عمرڪوٽ جي چونڊيل نمائندن ۽ انتظاميه جي ڪورٽ ۾ آهي، يا ته هو شهرين جي آواز کي ٻڌي، عوام دوست فيصلا ڪن، يا پوءِ تاريخ اهو لکندي ته عمرڪوٽ کي بس اسٽاپ نه، پر سياسي مفادن، خاموش ادارن ۽ بي حس حڪمراني گڏجي ويران ڪيو.